ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ارسا هوڏ تي قائم: تڪراري ٽي پي ڪئنال جو ڇوڙ وڌائي ڇڏيو، تنقيد کي به تعصب قرار ڏئي ڇڏيو، ارسا جي ان عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ سنڌ کي حصي جو پاڻي ڪيئن ملي سگهندو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن ارسا کي پنجاب جي ڌر قرار ڏيندي چيو ته ارسا مڪمل طور تي پنجاب کي سپورٽ ڪري رھيو آھي، سدائين سنڌ کي حصي جو پاڻي ناهي ڏنو، سنڌي ھاڻي پنھنجو حق وڙھي وٺندا، پنجاب کي پاڻي کڻڻ نه ڏينداسين پاڻي واري تحريڪ گھر گھر ۾ شروع ٿي چڪي آھي، سنڌو تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته ارسا جي ھڪ ھٽي سبب اڄ ملڪ ۾ جنگ ۽ سنڌ ۾ ڪربلا جھڙي صورتحال آھي پر پوءِ به ارسا انهن حرڪتن کان مڙي نٿو، عبدالقدير ميمڻ لکيو ته سنڌ جي حڪمرانن کي پنجاب حڪومت کي پنهنجي طاقت، جرئت ۽ همت ڏيکاري اهو ٽي پي ڪئنال هميشه بند ڪرائڻو پوندو، جڏهن به کولڻ چاهين ته سنڌ حڪومت جي اجازت کان سواءِ نه کولين، اهو صرف طاقت سان فيصلو ڪري سگهجي ٿو نه ته پنجاب ته هر سال ايئن بغير اجازت پاڻي جي کوٽ وارن ڏينهن ۾ کوليو ڇڏي ۽ سنڌ جا حڪمران خط لکي ويهي ٿا رهن ۽ سنڌ جي پاڻيءَ ۽ سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن، گلزار ملاح لکيو ته هلندڙ تَحريڪ جي حَق ۾ فيصلو آھي، جڏھن ظُلم چِٽو ٿيندو آھي ته مزاحمت به اهڙي ٿيندي آھي، وفاق ۽ ارسا جيتري ڏاڍ مُڙسي ڪندا سنڌ پوري طاقت سان ان جو جواب ڏيندي، ثناءُالله مشوري لکيو ته پاڻي جي معاملي ۾ ھن وقت سنڌ سان تمام گھڻي زيادتي ٿي رھي آھي، ارسا مڪمل طور تي پنجاب کي سپورٽ ڪري رھيو آھي، باقي انشاءَالله سنڌي ھاڻي پنھنجو حق وڙھي وٺندا، پنجاب کي پاڻي کڻڻ نه ڏينداسين پاڻي واري تحريڪ گھر گھر ۾ شروع ٿي چڪي آھي، خير محمد کاڙت لکيو ته ارسا جو ڪردار سنڌ لاءِ ھميشه دشمني وارو رھيو آھي، سنڌ لاءِ مزاحمت کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو، پنجاب جا رستا بند ڪري سنڌ جو پاڻي واپس وٺي سگهجي ٿو ٻي صورت ۾ ٻوڏن کان سواءِ پاڻي نه ملندو سنڌي ماڻهن کي گهر ڇڏي رستن تي نڪرڻو پوندو، محمد اسلم لکيو ته ارسا پاڪستان جي تاريخ ۾ڪڏهن پاڻي جي ڪهڙي ڏينهن منصفاڻي ورڇ ڪئي هجي اهو شايد خواب هجي، شعيب علي زئور لکيو ته پنجاب ھميشه سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻندو رهيو آھي ۽ ارسا به مڪمل طور پنجاب کي سپورٽ ڪري رھيو آھي. ٻيو ته سنڌ حڪومت جيڪا پيپلز پارٽي جي حڪومت آھي جيڪا سدائين سنڌ سان دوکو، ڪوڙ ۽ ناٽڪ ڪندي رهي آھي، پر اڄ سنڌ جي مظلوم، ھاري، پورھيت سان گڏوگڏ سنڌ جا وڪيل به سنڌو درياءَ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙھي رھيا آھن، جيئن اڳئي رسول بخش پليجو صاحب وڙھيو ھو. انشاءَالله فتح سنڌ ۽ سنڌ جي مظلوم عوام جي ٿيندي. جاويد جان ڪيريو لکيو ته سنڌو اسانجو هزارين سالن جو فطري ورثو ۽ تهذيبي سڃاڻپ آھي ان کان زنده رهڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش نه ڪريو، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيو، اٿو سنڌو جا وارثو سنڌو کي بچايو، اشرف پليجو لکيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واھه آھن. اھي صرف ٻوڏ ۾ سنڌ جي اجازت سان کولي سگھجن ٿا پر وفاقي حڪومت ۽ ارسا سنڌ سان دوکو ڪري کوٽ دوران ڌاڙيل واھه تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رھي آھي ۽ سنڌ کي سڪائڻ چاھين ٿا سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، اقتدار خاطر پ پ حڪومت خاموش آھي، پيپلزپارٽي، ارسا ۽ سنڌ حڪومت پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. الياس سمون لکيو ته ھوڏ تي رھڻ جو ايڏو دم ناھي پر پ پ ۾ حال ناھي، الهه بخش کوسو لکيو ته ارسا سدائين سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب حوالي ڪيو آهي، صوفي صدام حسين لکيو ته سنڌ جي ماڻهن سان هميشه ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن، پاڻي جي معاملي تي سنڌين جي هيڏي وڏي رد عمل باوجو به وفاق پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو ته مستقبل ۾ ملڪ لاءِ وڏا چيلنج پيدا ٿيندا، سنڌي ماڻهو هاڻي مڪمل ميدان عمل ۾ آهن وفاق کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، تنوير احمد، حبيب الله دايو، شمشاد علي به سروي ۾ حصو ورتو، سڪندر هاڙهو لکيو ته جيتوڻڪ ڏٺو وڃي ارسا گذريل ڪيترن ئي سالن کان ويندي هن مهل تائين سنڌ کي ڪهڙو فائدو ڏنو آهي.توڙي جو هر صوبي کي برابر جو پاڻي ڏيڻ هڪ قانوني حق آهي. جنهن جي ارسا ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. اي ڊي بجير لکيو ته ارسا کي برابري جي بنياد تي ٻين صوبن جي حقن جو خيال رکڻ گهرجي صرف هڪڙي صوبي جي مفادن کي نه ڏسي.. کهڙو نجم الدين لکيو ته عروج کي ئي زوال ايندو آھي. نديم حسين لکيو ته ارسا سدائين سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي، هن وقت سنڌ سان وڏو ظلم آهي پنجاھه سيڪڙو کان وڌيڪ سنڌ جو پاڻي پنجاب کڻي پيو، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته “سنڌ ۽ سنڌو لاءِ منهنجي جان به قربان هيءَ ڌرتي منهنجي سڃاڻپ آهي ۽ سنڌو منهنجي روح جي رواني آهي، جاويد چانڊيو لکيو ته سنڌو اسانجو هزارين سالن جو فطري ورثو ۽ تهذيبي سڃاڻپ آھي ان کان زنده رهڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش نه ڪريو، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيو. اياز کهاوڙ لکيو ته ارسا سدائين سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي، حسام نظاماڻي لکيو ته سنڌ جي حڪمرانن ۾ حال ناهي، عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي لکيو ته ارسا جي نه رڳو ان عمل کي پر اسان ارسا اداري کي سڌو سنئون سنڌ دشمن ۽ پنجاب جو ادارو سمجهون ٿا. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي وٺڻ لاءِ پنجاب جِي رسد مڪمل طور بند ڪرڻ گهرجي، سنڌ کان ڪابه شئي پنجاب نه وڃي، پنجاب پاڻ پاڻي ڏيندو، باقي سکڻن نعرن ۽ ڳالهين جي آسري ڪجھه نه ٿيندو، ان ڪري رستا روڪ وقت جِي اهم ضرورت بڻجي وئي آهي. مظهر علي شاهه لکيو ته ارسا پاڻي جي ورڇ غلط ڪري پيو، عبدالله کوسو لکيو ته ڪجهه سالن ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، ضمير چانڊيو لکيو ته ارسا ايڪٽ هميشه سڌ جو پاڻي پنجاب کي رليز ڪيو آھي هي وڏا ظالم ۽ ڪرپٽ ادارا آھن جيڪي ملي ڀڳت ڪري سدائين سنڌ سان ناجائزي ڪري رهيا آھن، غلام حسين ڀنڀرو لکيو ته سنڌ جا حڪمران صدر هجي يا وزير اعليٰ هو پاڻ لکي ڏئي آيا آهن هاڻي انهن جي مرضي آهي پاڻي گهڻو کڻن يا ٿورو انهن کي ميار ڏيڻ اجائي آهي، حسين بخش سارنگ لکيو ته ڪئنال سمورا نامنظور، عمران علي لکيو ته ڏاڍ ۽ جبر بند ڪريو، نندلال رتن ڀيل لکيو ته ارسا ھميشه سنڌ دشمني ڪئي آھي، ارسا ايڪٽ تحت سنڌ کي پنھنجو حق ملڻ کپي، علي مراد لاشاري لکيو ته ارسا پاڻي جي منصفاڻي ورڇ بجاءِ هميشه سنڌ جي پاڻي تي پنجاب سان ملي ڀڳت ڪري ڌاڙو هنيو آھي، جيڪو عمل سراسر غلط آھي، وحيد ٿهيم، زبير جکرو به سروي ۾ حصو ورتو، نثار لغاري لکيو ته سڌي بدمعاشي آهي اها بدمعاشي بند ڪريو، غلام نبي به سروي ۾ حصو ورتو، عبد آريسر لکيو ته ارسا ته ڇا پر ھر سازشي عنصر کي عوامي طاقت جھڪائي سگهي ٿي، بخشڻ سهتو، حاجرا رحيم سهتو ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.