ڪراچي: ارسا پهرين مئي تي دريائي وهڪرا 2 لک ڪيوسڪ تائين پهچڻ توڙي تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ 2 ايم ايف پاڻي ذخيرو ٿيڻ بعد کوٽ زيرو ڊڪليئر ڪري ڇڏي. ارسا جي ويب سائيٽ موجب پهرين ۽ 2 مئي تي پنجاب کي سندس انڊينٽ موجب 84100 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو، جڏهن ته گذريل سال انهي تاريخن تي پنجاب کي 75100 ڪيوسڪ پاڻي مليو هو. ساڳئي ريت سنڌ کي سندس انڊينٽ موجب 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو، جڏهن ته گذريل سال ساڳين تاريخن تي سنڌ کي 5 هزار ڪيوسڪ گھٽ يعني 55 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو هو. ارسا موجب ڪي پي کي 2000 جي انڊينٽ جي ابتڙ 2900 ڪيوسڪ ۽ بلوچستان کي 1000 بجاءِ 5000 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿيو.