اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڀارت پاران چناب جو پاڻي گهٽائڻ بعد ارسا ملڪ ۾ نئين سر پاڻي کوٽ مقرر ڪري ڇڏي، 5 مئي کان 10 جون تائين 21 سيڪڙو کوٽ مقرر ڪئي وئي، ارسا جي صلاحڪاري ڪاميٽي پاران جون کان سيپٽمبر تائين خريف جي مُند ۾ 7 سيڪڙو پاڻي کوٽ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن، چناب درياءَ ۾ کوٽ جاري رهي ته ڪاٿو ٻيهر لڳايو ويندو، ارسا چيئرمين صاحبزادا محمد شبير جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ کي گڊو بئراج وٽ انڊينٽ جو پاڻي ڏيڻ وارو مطالبو رد ڪيو ويو. ذريعن موجب ارسا ۾ سنڌ ميمبر احسان لغاري چيو ته چشما وٽان سنڌ لاءِ فراهم ٿيندڙ پاڻي گڊو وٽ پهچڻ ۾ پنج ڏينهن لڳائي ٿو، جڏهن ته رستي ۾ درياءَ جو پيٽ وڌڻ ۽ چوري ٿيڻ سبب سنڌ کي پنهنجي حصي جو گهٽ پاڻي ملي ٿو انهي ڪري سنڌ کي ملندڙ پاڻي جي ڳڻپ چشما بدران گڊو بئراج وٽ ڪئي وڃي، سندس اهڙي مطالبي کي ارسا چيئرمين توڙي ٻين ميمبرن اهو چئي رد ڪري ڇڏيو ته 91ع واري ٺاهه ۾ سنڌ لاءِ پاڻي فراهمي چشما بئراج وٽان طئي ٿيل آهي، اسان انهي کي گڊو وٽان ڳڻي نٿا سگهون، سنڌ جي مطالبي تي عمل لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، جيڪو اسان جي اختيار ۾ ناهي، ارسا پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڀارت پاران پاڻي جي ڪٽوتي بعد بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ذخيرن جو گڏيل استعمال ٿيندو، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ صوبن ۾ هم آهنگي سان فيصلو ڪيو ويو، ارسا موجب هيڊ مرالا تي چناب درياءَ جي وهڪري ۾ اوچتو لاٿ بعد ڀارتي رويو غور هيٺ آهي، پاڻي جي صورتحال جو روزانو جائزو ورتو ويندو، ارسا ترجمان موجب خريف سيزن ۾ پنجاب کي 3 ڪروڙ 13 لک ايڪڙ فوٽ، سنڌ کي 2 ڪروڙ 89 لک ايڪڙ فوٽ، بلوچستان کي 29 لک ايڪڙ فوٽ، ڪي پي کي 8 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي فراهمي جو ڪاٿو آهي. ارسا ترجمان موجب کوٽ پنجاب ۽ سنڌ ۾ برابر تقسيم ٿيندي، ارسا صلاحڪاري ڪاميٽي پاڻي دستيابي ۽ فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. دريائي وهڪرا ٻه لک ڪيوسڪ کان وڌڻ توڙي تربيلا ۽ منگلا ۾ 2.11 ايم ايف کان وڌيڪ پاڻي ذخيرو هجڻ باوجود ارسا 91 ٺاهه بدران تاريخي فارموله تحت ورڇ ڪئي، کوٽ رڳو پنجاب ۽ سنڌ کڻندا. جڏهن ته پاڻيءَ ورڇ 1991 پاڻي ٺاهه جي پيرا ٽو ڪرڻ بجاءِ ٽه رخي فارمولي هيٺ ڪرڻ تي سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري ۽ ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر پاران شديد احتجاج ڪندي پاڻي ٺاهه جي پيرا ٽو تحت پاڻي ورڇ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جنهن تي ارسا اهو موقف اختيار ڪيو ته اِن حوالي سان سنڌ جو ڪيس سي سي آءِ ۾ التوا هيٺ آهي. سي سي آءِ جي فيصلي کانپوءِ اهڙو فيصلو ٿيندو.