ڪراچي(رپورٽ: سترام مهيشوري ۽ شاهد ميراڻي) سنڌ جا اعتراض رد، ارسا پنهنجي هوڏ تي قائم، تڪراري تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کي پاڻي فراهمي ۾ 833 ڪيوسڪ جي واڌ، ڇوڙ 2981 مان وڌائي 3814 ڪيوسڪ ڪيو ويو، تربيلا ۽ منگلا۾ 67 فوٽ پاڻي ذخيرو، سنڌ حڪومت 24 ڪلاڪن اندر ارسا کي هڪ ٻيو احتجاجي خط لکي ڇڏيو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب پهرين اپريل کان شروع ٿيل خريف ۾ تربيلا وٽ سنڌوءَ جا وهڪرا گذريل سال کان 21 سيڪڙو ۽ ڪابل درياءَ جا وهڪرا 23 سيڪڙو گھٽ رهيا، جڏهن ته منگلا ڊيم وٽ جهلم نديءَ جا وهڪرا وري 21 سيڪڙو وڌيڪ رهيا. اهڙي صورتحال ۾ جهلم _چناب سسٽم کان انڊس سسٽم تي پاڻي جو دٻاءُ وڌيڪ رهيو، ارسا ۽ واپڊا سنڌ کي گذريل 15 ڏينهن دوران منگلا ڊيم مان هڪ ڦڙو به پاڻي نه ڏنو، اڱاري ڏهاڙي ارسا اختيارين پنجاب حڪومت جي آيل ليٽر آڌار تڪراري ٽي پي لنڪ ڪينال کولي 2981 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو، جنهن ۾ اربع تي 833 ڪيوسڪ جو اضافو آڻي ڇوڙ وڌائي 3814 ڪيوسڪ ڪيو ويو . ٻئي طرف تربيلا ڊيم جي سطح وڌي 1418.68 فوٽ تي پهچي وئي آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين 16.68 فوٽ پاڻي جمع ٿي چڪو آهي، تربيلا وٽ سنڌو ۾ پاڻي جي آمد 35900 ڪيوسڪ رهي، جنهن مان 20 هزار ڪيوسڪ هيٺ ڇڏيو ويو، جڏهن ته 15900 ڪيوسڪ پاڻي ڊيم ۾ ذخيرو ڪيو ويو، ٻئي طرف منگلا ڊيم 60.2 فوٽ ڀرجي چُڪو آهي. گذريل ڏينهن منگلا جي سطح 1110.2 فوٽ هئي، جتي پاڻي جي آمد 38938 ڪيوسڪ رهي، ڊيم مان 17000 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرائي 11938 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو. ڪابل نديءَ جا وهڪرا 38900 ڪيوسڪ تي پهتل هئا، ٻئي طرف سنڌ کي تونسا وٽان طئه ٿيل حصي 35000 ڪيوسڪ بجاءِ 33953 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو، جيڪو رستي ۾ ضايع ٿي گڊو وٽ رڳو 27799 ڪيوسڪ جي صورت ۾ پهتو. جڏهن ته سکر وٽ اپ اسٽريم وهڪرا 24860 ڪيوسڪ رهيا. هوڏانهن ڪالهه سنڌ حڪومت جي اعتراضن باوجود تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال جي کڻت وڌائڻ تي سنڌ حڪومت 24ڪلاڪن اندر ارسا کي هڪ ٻيو احتجاجي خط موڪليو آهي. سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو خط ۾ چيو آهي ته تونسا پنجند ڪئنال ذريعي سنڌو جو 3814 ڪيوسڪ پاڻي جهلم چناب سسٽم ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي جهلم ۽ چناب زون کي ڏيڻ بدران سنڌو جو پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪپهه ۽ چانورن جي پوکي لاءِ پاڻي موجود ناهي. هن چيو ته وفاق ۽ ارسا طرفان سنڌ سان ناانصافين جو سلسلو جاري آهي. سکر بئراج کي 4000 ۽ ڪوٽڙي بئراج کي 2300 ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي. انهي هوندي تونسا پنجند لنڪ ڪئنال جو ڇوڙ وڌائڻ سراسر زيادتي آهي. اسان پنجاب حڪومت، وفاق ۽ ارسا جي روين کان پارٽي قيادت کي آگاهه ڪيو آهي. هن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، ٻئي طرف سنڌ جي وزيراعليٰ مراد شاهه آڳاٽي خريف ۾ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کولڻ تي اعتراض واريندي چيو آهي ته ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ غير ذميواراڻو قدم آهي. پنجاب پنهنجو ڪيس خراب ڪري رهيوآهي، ارسا جي انهي عمل سان اسا نجو ڪيس مضبوط پيو ٿئي. هن چيو ته ڪينال منصوبو ختم ٿيڻ جي باقاعده اعلان تائين خاموش نه رهنداسين.
سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) ارسا تڪراري تونسا پنجند ڪئنال کولڻ خلاف سنڌ جي دانهن ۽ تنقيد کي تعصباڻو رويو قرار ڏئي ڇڏيو، پاڻي ورڇ بابت هاڻوڪا فيصلا جائز قرار، ارسا جي معمول جي اجلاس ۾ تڪراري فيصلن تي ٿيندڙ تنقيد خلاف، چيئرمين ۽ ميمبرز تي اعتماد جي اظهار جو ٺهراءُ پاس، ارسا اجلاس بعد اٿارٽي جي ترجمان پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته ميڊيا سوڌو ڪجهه حلقن پاران ارسا جي فيصلن کي تعصبي قرار ڏيڻ تي ڳڻتي آهي، ارسا مٿان لڳندڙ الزام تعصب تي ٻڌل آهن، ارسا 91 واري پاڻي ٺاهه ۽ 92ع واري ارسا ايڪٽ تحت پاڻي ورڇ جا سمورا فيصلا ڪري رهي آهي.