سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ وڌي 52 سيڪڙو تي پهچي وئي، ڪالهه سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 21780 ۽ هيٺاهون وهڪرو 7650 رڪارڊ ڪيو ويو, بئراج جي گهرج 29700 ڪيوسڪ هوندي ڪينالن کي 52 سيڪڙو کوٽ سان رڳو 14130 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو، هوڏانهن گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو 25960 ۽ ڪوٽڙي بئراج جو وهڪرو 5745 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ گهٽائڻ لاءِ ڪالهه منگلا زون مان پنجند وٽان 5915 ڪيوسڪ ڇڏيو ويو، هوڏانهن تربيلا ڊيم تر وٺڻ لڳو آھي، ڪالهه ڊيم ۾ رڳو رڳو پوڻا پنج فوٽ پاڻي رهيل هو، ٻئي طرف سنڌو زون مان پنجاب پاران ايلوڪشن کان وڌيڪ پاڻي کڻت جاري آھي چشما رائٽ بينڪ ڪينال ۾ ايلوڪيشن کان 110 سيڪڙو وڌيڪ کڻت ڪئي وئي، ساڳئي ريت تونسا بئراج وٽان به کڻت وڌائي نو هزار ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ ڪئي وئي. هوڏانهن پنهنجي اخبار پاران رابطي ڪرڻ تي ارسا جي ترجمان راڻا خالد ٻڌايو ته سنڌ آڪٽوبر کان فيبروريء تائين واڌو پاڻي کنيو، جنهن ڪري سنڌ کي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، هن وقت اڳ ۾وڌيڪ کوٽ کڻندڙ پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي کڻي پيو، هن چيو ته مارچ ۾ سٺيون برساتون نه پيون ته کوٽ شدت اختيار ڪندي