لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ارسا سنڌ جو مسئلو حل ڪرڻ بدران ڌُر بڻجي سامهون اچي وئي، ريگيوليٽري اٿارٽي کي اهڙو رويو نٿو سونهين، سنڌ سرڪار پاڻي مسئلي تي ارسا جي دعوائن ۽ پڌرائي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، آبپاشي وزير طرفان سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي ملڻ ۽ بلوچستان جو پاڻي چوري ثابت ڪرڻ جو چئلينج، صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته ارسا 91ع واري معاهدي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي سوڌو لڳاتار ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، خريد جي مند ۾ سنڌ کي 28 سيڪڙو گهٽ پاڻي مليو، ارسا ڪوڙ ڳالهايو ته 4 سيڪڙو گهٽ پاڻي مليو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ باوجود بلوچستان کي حصي جو پاڻي ملي ٿو، سنڌ سرڪار پاڻي جي ورڇ ۾ زيادتي خلاف سي سي آءِ سوڌو هر فورم تي آواز اٿاريو آهي، وفاقي سرڪار ۽ ارسا طرفان احتجاجن جي ڪابه موٽ نٿي ڏني وڃي..