سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) ارسا جي 21 سيڪڙو کوٽ واري دعويٰ غلط ثابت: سنڌ ۾ پاڻي کوٽ بدستور 45 سيڪڙو برقرار رهي، آبپاشي کاتي موجب صوب جي ٽنهي بئراجن تي 41 سيڪڙو کوٽ آهي، جڏهن ته ڪئنالن جي لاسز سميت اها کوٽ 45 سيڪڙو تي پهتل آهي. سنڌ جي ٽنهي بئراجن جي ايلوڪيشن 51780 ۽ فراهمي  31638 ڪيوسڪ هئي. ڪالهه گڊو بئراج جي ايلوڪيشن 3700ڪيوسڪ هوندي گهوٽڪي فيڊر ذريعي 1253 ڪيوسڪ کڻت رهي، سکر بئراج جي ايلوڪيشن 35100 ۽ کڻت 24290 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙِي بئراج جي گهرج 12300 ڪيوسڪ هوندي فراهمي رڳو 5305 ڪيوسڪ هئي، سکر بئراج وٽ کوٽ وڌي 35 سيڪڙو ٿي وئي. هوڏانهن 26 اپريل کان چشما وٽان سنڌ لاءِ ڇڏيل 61000 ڪيوسڪ پاڻي ڪالهه تائين گڊو وٽ به پهچي نه سگهيو هو.  واضح رهي ته ارسا 26 اپريل کان سنڌ لاءِ چشما مان ڇڏيل پاڻي جي بنياد تي سنڌ جي کوٽ نه رڳو ٻڙي پر سرپلس ڄاڻائي، چشما کان گڊوءَ تائين ٽائيم ليگ (پاڻي پهچ جو وقت) 5 ڏينهن آهي پر گڊو وٽ رڳو 39069 ڪيوسڪ موجود هو  هوڏانهن پنجين مئي تي اسلام آباد ۾ ارسا جي صلاحڪاري ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته ڀارت پاران چناب ندي جو پاڻي روڪڻ سبب ملڪ ۾ پاڻي کوٽ 21 سيڪڙو ٿيندي، ارسا جي فيصلي جي 24 ڪلاڪن  اندٽ سنڌ آبپاشي کاتي موجب چناب جو وهڪرو 28333 ڪيوسڪ ۽ ارسا جي ويب سائيٽ موجب 12966 ڪيوسڪ ٿي ويو هو. ان حوالي سان ارسا ترجمان راڻا خالد رابطي تي ٻڌايو ته ارسا ۽ سنڌ پاران انگ اکر رپورٽ ڪرڻ جو وقت الڳ الڳ هوندوآهي انهي ڪري انگن اکرن ۾ فرق ٿي سگهي ٿو، چناب ۾ وڌيل پاڻي بعد سنڌ ۽ پنجاب جي 21 سيڪڙو کوٽ ختم ٿيندي؟  واري سوال جي موٽ ۾ ارسا ترجمان جو چوڻ هو ته انهي  بابت انڊس واٽر ڪميشن وارن کان پڇو.