ارسا جي چيئرمين جو رٽائر ٿيڻ

0
22

 پنهنجي اخبار جمعو 10 آگسٽ ۾ هڪ خبر لڳي ته ارسا جو چيئرمين رائو ارشاد رٽائر ٿي ويو ۽ پنجاب جي آبپاشي سيڪريٽري جناب سيف انجم چيئرمين جي چارج سنڀالي. اچو  ته ڏسون 1992ع واري ارسا ايڪٽ ۾ ميمبرن ۽ چيئرمينن جو ڇا رول آهي. پاڻي ٺاهه مارچ 1991ع ۾ ٿيو، جڏهن ته ارسا ايڪٽ سيپٽمبر 1991ع ۾ ٿيو ۽ قانون 1992ع ۾ پاس ٿيو.

                 ارسا ايڪٽ ۾ آهي ته ارسا جا پنج ميمبر هوندا، جن ۾ واري وٽيءَ سان هڪ ميمبر هڪ سال لاءِ  چيئرمين مقرر ٿيندو. اهو الفابيٽيڪل آرڊر ۾ هوندا يعني پهريون بلوچستا، ٻيو خيبرپختونخوا، ٽيون پنجاب ۽ چوٿون سنڌ. ارسا جي هر هڪ ميمبر جو مدو ٽي سال هوندو. فيڊرل گورنمينٽ کي به هڪ ميمبر مقرر ڪرڻ جو اختيار هوندو. معنيٰ ارسا ۾ هر هڪ صوبي جو هڪ هڪ ميمبر هوندو ۽ وفاق جو هڪ جدا ميمبر هوندو.

ارسا جو مکيه ڪم

                 ارسا کي ٻه ڪم ڏنا ويا آهن. پهريون ڪم اهو ته جيڪڏهن صوبن ۾ پاڻي ورهاست جو جھيڙو اٿي ٿو ته دريائن ۽ ڊيمن جي صورتحال ڏسي فيصلو ڪرڻ. ٺاهه ۾ ڏنل ڏهن ڏينهن واري ورهاست تي عمل ڪرائڻ، اهو ٽن مهينن لاءِ ٿيندو ۽ جيڪڏهن اهو نٿو ٿئي ته ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي آن نيشنل اڪانامڪ ڪائونسل کي اماڻيو ويندو.  سڀني کان اهم ڳالهه اِها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي يا واپڊا کي ارسا جي  ڪنهن فيصلي تي اعتراض هجي ته اِهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (Council of  Common Interest)  کي اماڻيو ويندو. پر انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اهو صوبو يا واپڊا لکت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي موڪلين.

ارسا جا فيصلا:

ارسا اڪثريت ووٽ سان ٻه فيصلا ڪيا آهن. هڪڙو آهي ته ٽن سطحي فارمولي مطابق پاڻي ورهائڻ جو طريقو ۽ ٻيو آهي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان کي پاڻي کوٽ کان آجو رکڻ. انهي کان اڳ ۾ هو سال 1977ع کان سال 1982ع تائين سراسري بنيادن تي صوبن ۾ پاڻي ورهائيندا هئا. سال 2003ع  ۾ صوبن جي مخالفت تي هنن ٽي سطحي فارمولي موجب پاڻي ورهائڻ شروع ڪيو. ٺاهه ۾ ڏنل آهي ته هرڪنهن صوبي کي ڏهن ڏينهن واري ورهاست مطابق پاڻي ڏنو وڃي. پر پنجاب وارا انهيءَ تي اعتراض ڪن ٿا، جو انهن جو پاڻي گھٽجي ٿو. پر جنهن نموني ۾ هينئر پاڻي ورهايو وڃي ٿو، ته سڀني کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي ٿئي ٿو. پنجاب  وارا انهيءَ ۾ اها اٽڪل ڪن ٿا ته ميجارٽي ووٽ هٿ ڪن.  هر ڪنهن صوبي ۽ وفاق کي هڪ هڪ  ووٽ ڏيڻ جو حق آهي، پر پنجاب وارا ميجارٽي حاصل ڪرڻ لاءِ وفاق، خيبرپختونوا ۽ بلوچستان جي ميمبرن کي پاڻ سان ملائين ٿا. ائين هنن وٽ چار ووٽ ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته سنڌ جو رڳو هڪڙو ووٽ ٿئي ٿو.  ائين هو ميجارٽي جي بنياد تي ارسا کان فيصلو ڪرائين ٿا.

وري ارسا ايڪٽ ۾ اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو ميمبر ميجارٽي ووٽ جي بنياد تي فيصلو ڪرائي ٿو ۽ ڪنهن صوبي يا واپڊا کي انهي تي اعتراض هجي ته هو لکت ۾ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ يعني گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اهو اعتراض اٿاري سگھي ٿو. سنڌ وارن لکت ۾ اهو اعتراض نه اٿاريو آهي. نواز حڪومت جي زماني ۾ سنڌ جي چيف منسٽر پاڻي جي ورهاست جي حوالي سان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ زباني اهو اعتراض اٿاريو  جو ان وقت خاقان عباسي وزيراعظم هو،  جنهن جي بنياد تي اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ هلي ٿو پر مون کي جيڪا ڄاڻ آهي اهو معاملو لکت ۾ گڏل مفادن واري ڪائونسل آڏو پيش نه ڪيو ويو آهي. مان آبپاشي جي مختلف ڪامورن کان انهيءَ بابت پڇيو آهي  پر ڪنهن به انهيءَ جي تصديق نه ڪئي آهي. وري جيڪڏهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل به صوبي ۽ واپڊا جي اعتراض کي رد ڪري ٿي ته معاملو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اٿاري سگھجي ٿو. پر مون کي جيڪا ڄاڻ آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي اهو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪرڻو پوندو نڪي اڪثريت جي بنياد تي.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڇو فيصلو نٿي ڪري؟

انهيءَ جا ٻه سبب آهن. هڪڙو اهو ته اڃان سنڌ وارن لکت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي ڏنو ئي ناهي ۽ ٻيو اهو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل انهي ۾ سستي ڪري ٿي. هينئر به اهو مسئلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايجنڊا تي هو، جنهن ۾ ٽي مسئلا هئا. هڪڙو توانائي، ٻيو پاڻي جي صوبن ۾ ورهاست ۽ ٽيون به هڪ مسئلو هو پر وزيراعظم عمران خان رڳو توانائي بابت فيصلو ڪيو ۽ صوبن ۾ پاڻي ورهاست ۽ ٽئين مسئلي تي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي.

سنڌ کي ڇا ڪرڻ کپي؟

سنڌ کي کپي ته پنهنجو اعتراض لکت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي موڪلين ته هو ڪو فيصلو ڪري سگھن. انشاءَ الله فيصلو اسان جي حق ۾ ٿيندو، جو وفاق جي اٽارني جنرل فيصلو اسان جي حق ۾ ڏنو آهي.