اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارسا ۾ انجنيئر صاحبزاده محمد شبير پهرين نومبر 2024 کان ٽن سالن لاءِ ميمبر ڪي پي ڪي مقرر ڪيو ويو آھي، ارسا پاران جاري نوٽيفڪشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ارسا ۾ مقرر ٿيل ميمبر ڪي پي ڪي بطور ميمبر سان گڏ ارسا چيئرمين جو عهدو به سنڀالي ورتو آھي، ارسا ايڪٽ تحت هر صوبي مان مقرر ميمبر هڪ سال لاءِ مرحليوار ارسا چيئرمين جو عهدو سنڀاليندا آھن، بلوچستان بعد ڪي پي ڪي صوبي کي ارسا چيئرمين وو عهدو هڪ سال لاءِ مليو، نئين ارسا چيئرمين عهدو سنڀالي ڪم شروع ڪري ڏنو آھي.