اسلام آباد/سکر (رپورٽ: ايم بي سومرو ۽ ممتاز بخاري) ارسا جي پت وائکي: سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ٻيهر 46 سيڪڙو ٿي وئي: پنجاب ٽي پي کانپوءِ گريٽر ٿل ڪئنال به کولي ڇڏيو، منگلا ۾ 82.7 ۽ تربيلا ۾ 30.04 فوٽ پاڻي ذخيرو، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب ارسا پاران پهرين مئي کان پاڻي کوٽ زيرو ڊڪليئر ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ٻيهر 46 سيڪڙو تي پهچي وئي، سنڌ جي ڪوٽڙِي بئراج تي پاڻي کوٽ 61 ۽ سکر تي 33 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گڊو بئراج جا 4 واهه مئي مهينو شروع ٿيڻ باجود بند رهيا، سنڌ آبپاشي کاتي جي انگن اکرن موجب گڊو بئراج جي هلندڙ ڏهي دوران ايلوڪيشن 4380 هوندي 4 واهن کي ٻڙي ڪيوسڪ پاڻي به ملي نه سگهيو، جڏهن ته سکر بئراج جي ايلوڪيشن 35100 ڪيوسڪ هوندي 7 مان 4 واهن کي 23390 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو، ساڳئي ريت ڪوٽڙي بئراج جي ايلوڪيشن 12300 ڪيوسڪ هوندي واهن کي 4820 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو. سکر بئراج مان نڪرندڙ خيرپور ويسٽ ۾ 34 ۽ خيرپور ايسٽ ۾ 25 سيڪڙو کوٽ رهي جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ نيو ڦليلي ۾75 سيڪڙو، اڪرم واهه ۾ 72 سيڪڙو، پڃاري (اولڊ ڦليلي) ۾ 67 ۽ ڪلري بگهاڙ فيڊر ۾ 9 سيڪڙو کوٽ رهي، ارسا پاران هفتو اڳ واعدو ڪيو ويو هو ته سنڌ لاءِ چشما وٽان 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي پر گڊو وٽ ڪالهه رڳو 40055 ڪيوسڪ پاڻي پهتو آهي. هوڏانهن پنجاب چشما بئراج وٽان سي جي ڪئنال وسيلي 2000 ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ذريعي 6822 ڪيوسڪ پاڻي کنيو، ٻئي طرف ملڪي ڊيم ڀرڻ جو سلسلو جاري رهيو، منگلا ڊيم وٽ پاڻي جي آمد 48685 ۽ کڻت 32000 ڪيوسڪ رهي، ڊيم82.7 فوٽ ذخيري سان 1132.7 فوٽن تي پهچي ويو، ساڳئي ريت تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 63000 ۽ کڻت 52100 ڪيوسڪ رهي، ڊيم 30.04 فوٽ ذخيري سان ۽ 1432.04 فوٽن تي پهتي ٻئي طرف ارسا جي ترجمان خالد رانا پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پهرين مئي کان صوبن کي بنا کوٽ جي انڊينٽ موجب پاڻي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي، سنڌ کي 60 هزار ۽ پنجاب کي 84 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ کي فراهم ڪيل 60 هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ جا وهڪرا ستن کان 8 ڏينهن اندر گڊو تائين پهچندا. آڳاٽي خريف ۾ ڊيم ڀرڻ بابت هن چيو ته ارسا جي ايڊوائزري ڪاميٽي ۾ سنڌ سميت چئني صوبن اتفاق راءِ سان ڊيم ڀرڻ جو فيصلو ڪيو هو، صلاحڪاري ڪاميٽي جي فيصلي جي ابتڙ منگلا ۾ ڏيڍ فوٽ گهٽ پاڻي ذخيرو ٿيو آهي. هن چيو ته ارسا جي ايڊوائزري ڪاميٽي اپريل مهيني لاءِ 43 سيڪڙو کوٽ ڊڪليئر ڪئي هئي پر موسمي حالتون ) دريائي وهڪرا بهتر ٿيڻ سان کوٽ گهٽجي 33 سيڪڙو ٿي، پهرين مئي کان صوبن کي بنا کوٽ جي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. هن دعويٰ ڪئي ته سي جي لنڪ ڪئنال ذريعي گريٽر ٿل ڪئنال کي 2000 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي..
سکر: ارسا پاران خريف جي هلندڙ مند جي باقي 5 مهينن مئي کان سيپٽمبر تائين پاڻي جي ورڇ لاءِ سومر 5 مئي تي ساڍا يارهين وڳي صلاحڪاري ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، انهي کان اڳ 26 مارچ تي ٿيل گڏجاڻي ۾ طئه ڪيو ويو هو ته 25 اپريل تي اجلاس گهرائي باقي خريف لاءِ جائزو ورتو ويندو. انهي فيصلي باوجود اهو اجلاس 10 ڏينهن ليٽ گهرايو ويو آهي.