ارسا ترجمان جو بيان رد، سنڌ ۾ 50 سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي: سنڌ حڪومت

0
249

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاڻي جي کوٽ بابت ارسا ترجمان جو بيان رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ 4 سيڪڙو نه پر پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو آهي. صوبائي وزير اسماعيل راهو ارسا ترجمان جي بيان تي رد عمل طاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ گڊو ، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج کي پاڻي جو پنهنجو حصو نه ملي رهيو آهي، ارسا ترجمان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، هو چشما جهلم لنڪ ڪينال تي پاور پلانٽ لاءِ غيرقانوني اين او سي جاري ڪري چڪا آهن. هن چيو ته پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي پر ارسا ۽ وفاق ڪابه ڪارروائي نه ڪري رهيا آهن. اسماعيل راهو چيو ته ڦٽي جي پوک وقت سنڌ کي وقت تي پاڻي نه ڏنو ويو، ارسا سنڌ کي واٽر اڪارڊ تحت پاڻي نه پئي ڏئي، ڪوٽڙي بيراج اڃا تائين 50 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڦٽين کي پوکائي نه ٿي سگهي آهي. بدين ، ٺٽو ۽ سجاول ۾ ماڻهن لاءِ يا جانورن لاءِ پيئڻ جو پاڻي نه آهي. صوبائي وزير چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ سبب سنڌ ۾ ڏڪار جو خطرو آهي، ارسا ۽ پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهن.