حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور چيو آھي ته سنڌو نديءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪالاباغ ڊيم سميت ٻيا ڊيم ٺاهڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف قومي پارٽي پاران 13 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ پاڻي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي جنهن ۾ شرڪت لاءِ پاڻي ماهرن ۽ ٽيڪنوڪريٽن کي دعوت ڏني ويندي. سنڌي قوم سنڌو درياھ جو وجود بچائڻ جي سوال تي ھميشه متحد، متحرڪ ۽ جدوجهد ۾ رهي آهي. درياھ بچائڻ لاءِ هاڻي به قومي ٻڌي جو مظاهرو ڪيو ويندو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌو نديءَ تي ڪو به نئون ڪئنال ۽ ڊيم قبول نه ڪيو ويندو. اهڙي هر رٿا درياھ جي وجود، فطري وهڪري، ماحوليات، آبي جيوت ۽ ايڪو سسٽم لاءِ خطرناڪ آهي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم پڻ ان لاءِ ڪئي پئي وڃي ته جيئن دريا بابت مرضي وارا فيصلا ڪري سگهجن ۽ پاڻي تي پنجاب جو دائمي ۽ مستقل قبضو ڪري سگهجي. بالادست پنجابي حڪمران ڊيمن ۽ نون ڪئنالن سان سنڌو درياھ جي وجود تي وار ڪري رهيا آهن جنهن عمل کي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قومي ٻڌي ۽ جدوجهد وسيلي انهن قوتن کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. پاڻي ڪانفرنس ان سلسلي ۾ وقتائتو ۽ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندي.