اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) پاڻي وزارت ۽ ارسا، واپڊا سوڌو پاڻي وزارت جي ماتحت ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن ۾ سنڌ صوبي جي ڪوٽا جي لتاڙ جا ثبوت منظر تي اچي ويا , پاڻي وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ پنجاب جي هڪ هٽي قائم هجڻ کانسواء پاڻي ورڇ ڪندڙ ارسا سوڌو پاڻي وزارت جي اهم ادارن ۾ سنڌ کان گهٽ ڪوٽا رکندڙ ڪي پي ڪي صوبي مان سنڌ جي مقابلي ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ ملازم مقرر هجڻ جي تصديق , تفصيل موجب پاڻي مامرن جي وفاقي وزير معين وٽو سنڌ مان چونڊيل سينيٽر اسلم ابڙو جي سوال جو سينيٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آھي پاڻي مامرن جي وفاقي وزير معين وٽو پاران ايوان جمع ڪرايل جواب ۾ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ويو آھي ته پاڻي وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مجموعي ملازمن ۾ سڀ کان وڌيڪ پنجاب مان مقرر ملازم ڪم ڪري رهيا آھن پنجاب بعد سڀ کان وڌيڪ ڪوٽا رکندڙ سنڌ صوبي جي مقابلي ۾ ڪي پي ڪي صوبي مان ٻيڻ کان به وڌيڪ ملازم مقرر ٿيل آھن لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آھي ته پاڻي وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ مجموعي طور تي 17 هزر 787 ملازم ڪم ڪري رهيا آھن جن مان پنجاب ۽ اسلام آباد مان 8897 ملازم مقرر ٿيل آھن جڏهن ته سنڌ صوبي مان مجموعي طور تي 1733 ملازم مقرر ٿيل آھن سنڌ صوبي کان وفاقي ملازمتن ۾ گهٽ ڪوٽا رکندڙ ڪي پي ڪي صوبي مان به سنڌ جي مقابلي ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ ملازم يعني 5541 ملازم مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ويو آھي ته پاڻي وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ بلوچستان مان 395 , بلوچستان کان گهٽ ڪوٽا رکندڙ آزاد ڪشمير مان 450 , گلت مان 791 ملازم مقرر ٿيل آھن ايوان کي لکت ۾ ڏنل جواب ۾ اهو به ٻڌايو ويو آھي ته صوبن ۾ پاڻي ورڇ ڪندڙ اداري ارسا ۾ ڪل 68 ملازم ڪم ڪري رهيا آھن جن ۾ اڌ کان وڌيڪ يعني 43 ملازم پنجاب مان مقرر ٿيل آھن جڏهن ته ارسا ۾ سنڌ صوبي مان رڳو پنج , ڪي پي ڪي مان 14 , بلوچستان مان پنج ,آزاد ڪشمير مان هڪ ملازم مقرر ٿيل آھي اسلام آباد ۾ قائم وزارت جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ 95 ملازمن ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد مان 70 , سنڌ مان صرف ڏھ , ڪي پي ڪي مان به ڏھ , بلوچستان مان پنج ملازم مقرر ٿيل آھن فيڊرل فلڊ ڪميشن ۾ ڪم ڪندڙ ڪل 125 ملازمن ۾ 88 ملازم پنجاب ۽ اسلام آباد مان مقرر ٿيل آھن سنڌ مان 12 ,ڪي پي ڪي مان 13 , بلوچستان مان 8 ,آزاد ڪشمير ۽ گلگت مان ٻه ٻه ملازم مقرر آھن ,پاڪستان ڪمشنر فار انڊس واٽر ۾ ڪل 56 ملازمن ۾ 36 پنجاب ۽ اسلام آباد مان جڏهن ته سنڌ مان ست ,ڪي پي ڪي مان 11 , بلوچستان ۽ گلگت مان هڪ هڪ ملازم مقرر آھي ,واپڊا ۾ ڪل 17 هزار 61 ملازم ڪم ڪري رهيا آھن جن مان 8727 پنجاب ۽ اسلام آباد مان , سنڌ مان 1620 , ڪي پي ڪي مان 5445 , بلوچستان مان 346 , آزاد ڪشمير مان 439 , گلگت مان 784 ملازم مقرر آھن پاڪستان ڪونسل آف واٽر ريسرچ ۾ ڪل 382 ملازم مقرر آھن پنجاب ۽ اسلام آباد مان 213 , سنڌ مان 79 ,ڪي پي ڪي مان 48 , بلوچستان مان 30 , آزاد ڪشمير مان 8 ۽ گلگت مان 4 ملازم مقرر آھن