اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تعليم جي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين ۽ خراب صورتحال جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته علمي، انتظامي ۽ قانوني مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪاميٽي جوڙي وئي وئي آهي، ڪاميٽي هڪ هفتي جي اندر نتيجا پرو چانسلر ۽ وفاقي وزير کي پيش ڪندي، ڪاميٽي وزارت ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر آفيسرن تي ٻڌل هوندي، ڊاڪٽر نياز احمد ڪاميٽي جو سربراهه هوندو.