اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي اردو يونيورسٽي جي هڪ شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر حافظ اسحاق کي عورت ليڪچرار کي حراسان ڪرڻ تي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو. وفاقي محتسب اينٽي هراسمينٽ پروفيسر ڊاڪٽر حافظ اسحاق تي هڪ لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪري ڇڏيو. وفاقي محتسب اينٽي هراسمينٽ ليڪچرار عروج ملڪ جي شڪايت تي محفوظ ڪيل  فيصلو ٻڌايو ويو. ترجمان موجب ليڪچرار عروج ملڪ پروفيسر حافظ اسحاق خلاف شڪايت داخل ڪرائي، وفاقي محتسب  وفاقي اردو يونيورسٽي کان 5 ڊسمبر تائين تعميل رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.