ڪراچي (شوبز نيوز) سنڌي فيچر فلم “سنڌوءَ جي گونج” جي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر راهول اعجاز چيو آهي ته منهنجو سدائين خيال رهيو آهي ته جيڪڏهن اسان اردو، پنجابي، پشتو، بلوچي فلم ٺاهي سگهون ٿا ته سنڌي فلم ڇو نٿا ٺاهي سگهون، اهڙو جواب هن هڪ انٽرويو دوران ميزبان طرفان پڇيل ان سوال ته اوهان هي فلم ڇو ٺاهي ۽ آخر سنڌي ۾ ئي ڇو ٺاهي جي جواب ۾ ڏنو، راهو اعجاز وڌيڪ چيو ته ان لاءِ ئي مون سوچيو ته جيڪڏهن ڪوئي بڻائڻ لاءِ تيار ناهي ته پاڻ ئي ٿا ٺاهيون، ميزبان پڇيو ته اوهان جي فلم جو موضوع سنڌو درياهه آهي ته اهو موضوع چونڊڻ جو ڪو خاص سبب؟، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته مان جيڪڏهن نه به چاهيان ٿو ته منهنجا جيڪي پنج، ڇهه سال کان ست سالن تائين آئيڊياز آهن، اهي ته مان واپس پنهنجي دماغ ۾ سنڌو وٽ هليو ويندو آهيان، ته منهنجي خيال ۾ اٽريڪشن آهي، فيسينيشن آهي، هڪ دريا سان ٻيو پاڻي جي وڏين باڊيز سان، پوءِ اهي سمنڊ جون هجن يا درياهه جون، ميزبان وڌيڪ سوال ڪيو ته پوءِ اوهان جا جيڪي ڪردار هيا، اهي اوهان ڪيئن تخليق ڪيا؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته اوهان سٺو سوال ڪيو آهي، دراصل مون کي لڳي ٿو ته اهي سڀ ڪردار مان ئي آهيان، ۽ اها سموري نمائندگي آهي اسان جي سنڌي آبادي جي، جيڪي ماڻهو هتي رهن ٿا، سنڌي آبادي جو مطلب سنڌ ۾ جيترا به ماڻهو رهن ٿا، اسان سڀ آهيون، مان به ان جو حصو ئي آهيان، ڇو ته مان به هتي ئي رهندو آهيان، ۽ اهي سڀ مان ئي آهيان، ان ۾ جيڪي ذاتي ڪهاڻيون مون وڌيون آهن، جيڪي ڪردار پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيا آهن، يا انهن سان جيڪي شيون ٿي رهيون آهن، اهي اسان سان ٿي چڪيون آهن، ميزبان سوال ڪيو ته پوءِ ڇا سبب هيو جو اوهان ٻه يا ٽي ڪردار هڪ ئي اداڪار کان ڪرايا؟ جواب ۾ راهول اعجاز چيو ته منهنجي خيال ۾ ان ۾ مون کي تمام گهڻو مزو ايندو آهي، ڇو ته مان پاڻ کي چيلينج ڪرڻ چاهيندو آهيان، جڏهن به مان ڪجهه بڻائيندو آهيان ته ڪجهه اهڙي ابتي سبتي شئي ۾ ڪندو آهيان، جيڪا ماڻهو نه ڪندا هجن، هتي ته مون ايترو اهڙو وڌيڪ ناهي ڏٺو ته اسان هڪ ايڪٽر کان هڪ ئي فلم ۾ ٽي، چار رول ڪرائي ڇڏيا هجن، اهو ٿيٽر ۾ ٿي سگهي ٿو، اهو فلم ۾ اسان وڌيڪ ناهيون ڪندا، ته مون کي ان ۾ پاڻ کي مزو وٺرائڻ لاءِ، ڇو ته مون کي به ته فلم بڻائڻ ۾ مزو اچڻ گهرجي، ميزبان سوال ڪيو ته اوهان جي فلم جي پور فل فيسٽيول ۾ وڃي رهي آهي ته اوستائين اوهان ڪيئن پهتا ۽ ان مان اوهان کي ڪهڙيون اميدون آهن؟ جواب ۾ هن چيو ته منهنجي گذريل سنڌي شارٽ فلم هئي، ٽي سال اڳ لڳ ڀڳ چار سال اڳ “اي ٽرين ڪراسس دي ڊيزرٽ” ان جي به جي پور فلم فيسٽيول ۾ 2021 ۾ اسڪريننگ ٿي هئي، تنهن ڪري دماغ ۾ اهو هيو ته مان جي پور ۾ پنهنجي ٻيهر هڪ سنڌي فلم موڪليندس، جي پور راجستان ۾ آهي، راجستان ۾ جيڪو اسان جو ڪلچر آهي اهو سنڌي ڪلچر سان ملندڙ جلندڙ آهي، اسان رڳو اهو سينيمائن ۾ نه ڏيکارينداسين، اها سيمينارن ذريعي ۽ مختلف ڊجيٽل پليٽ فارمز ذريعي سڄي سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ ڏيکارينداسين.