امان ( اسپورٽس نيوز) اردن غزه جنگ ۾ احتجاج طور اسرائيل خلاف ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اردن اهو فيصلو سوئٽزرلينڊ ۾ جاري فيبا ​​انڊر 19 باسڪيٽ بال ورلڊ ڪپ دوران ڪيو  آيو.انٽرنيشنل باسڪيٽ بال فيڊريشن( فيبا) ميچ جو فيصلو اسرائيل جي حق ۾ ڏنو آهي.اردني باسڪيٽ بال فيڊريشن سرڪاري طور تي فيبا ​​کي آگاهه ڪيو هو ته هو موجوده صورتحال جي تناظر ۾ پنهنجي اصولي موقف جي بنياد تي ميچ نه کيڏندو.