بيونس آئرس (اسپورٽس نيوز) عالمي چيمپئن ارجنٽائن پنهنجي روايتي حريف بزاريل کي 1-4 تان شڪست ڏئي 2026 فٽبال ورلڊ ڪپ جي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي، بيونس آئرس جي تاريخي ميدان تي کيڏيل راند ۾ ارجنٽائن ليونل ميسي کان بغير شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي روايتي حريف برازيل کي شڪست جو منهن ڏيکاريو، ميچ جي 6 ۾ جوليان الواريز ارجنٽائن جي طرفان پهريون گول ڪيو، جنهن کانپوءِ اينزو فرنينڊيز، ايلڪس ميڪ ايليسٽر ۽ گيوليانو سيمي وڌيڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻئي طرف پنج ڀيرا عالمي چيمپئن رهندڙ برازيل جي ٽيم ڪا به خاص مزاحمت نه ڪري سبب عالمي ڪپ جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ۾ ناڪام رهيو، ياد رهي ته فٽبال جو ميگا ايونٽ 2026 ۾ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو جي گڏيل ميزباني هيٺ کيڏيو ويندو.