واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) ارب پتي مالڪ ملازمن تي مهربان بڻجي ويو، گهر ڀاتين سميت گهمڻ لاءِ جاپان موڪلي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي هڪ انويسٽمينٽ ڪمپني جي مالڪ ڪين گريفن ڪمپني جي سالگرهه تي سرپرائز ڏيندي 12سئو ملازمن کي سندن گهرڀاتين سميت ڪمپني جي خرچ تي جاپان جي ڊزني لينڊ واري تفريحي هنڌ گهمڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو، سمورا ملازم ٽوڪيو جي ڊزني ورلڊ ۾ 3 ڏينهن ڪمپني جي خرچ تي تفريح ڪندا. سي اي او ڪين گريفن گذريل سال به پنهنجي ڪمپني جي ملازمن کي گهمڻ لاءِ اماڻيو هو