نارٿ ڪيرولينا (انٽريسٽنگ نيوز) دنيا جي مشهور ترين ارب پتي يوٽيوبر جمي ڊونلڊسن عرف مسٽر بيسٽ پاڻ کي ستن ڏينهن لاءِ زندهه دفن ڪري ڇڏيو. يوٽيوبر مسٽر بيسٽ ان خطرناڪ اسٽنٽ جي وڊيو پنهنجي يوٽيوب چينل تي اپلوڊ ڪئي آهي جنهن ۾ هو پاڻ کي هڪ تابوت ۾ بند ڪري زمين ۾ دفن ٿي ويو. مسٽر بيسٽ وڊيو ۾ چيو ته آئون پنهنجي زندگي ايندڙ ستن ڏينهن لاءِ ان تابوت جي سپرد ڪري رهيو آهيان.ان اسسٽنٽ لاءِ مسٽر بيسٽ جديد ترين تابوت استعمال ڪيوجيڪو خوراڪ ۽ پاڻي سان ڀريل ٿو جڏهن ته ڪيمرائن جي مدد سان وڊيو به رڪارڊ ڪئي پئي وئي. مسٽر بيسٽ واڪي ٽاڪي ذريعي پنهنجي ٽيم سان رابطي ۾ رهيو.مسٽر بيسٽ جو چوڻ هوته اهو اسسٽنٽ هن لاءِ شديد ذهني اذيت جو سبب بڻيو آهي ۽ هن پنهنجي فالورز کي چيو ته هو ان کي آزمائش جي ڪوشش نه ڪن.
واضح رهي ته مسٽر بيسٽ جي نالي سان مشهور آمريڪي يوٽيوبر جمي ڊونلڊسن دنيا جو نمبر ون يوٽيوبر آهي جنهن جا فالورز 212 ملين کان وڌيڪ آهن جڏهن ته سندس ماهوار آمدني 30 لک ڊالرن تائين آهي.