ارب پتي ٿيڻ باوجود ساليانو ڪجهه لک روپيا ٽئڪس نه ڏيندڙن سوڙهو ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن
ايف بي آر ٽئڪس چورن خلاف ملڪگير آپريشن جو فيصلو ڪري ورتو آهي
لاهور، ڪراچي، فيصل آباد، راولپنڊي ۽ ملتان سوڌو وڏن شهرن مان 11 هزار ماڻهن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي،فهرست ۾ صنعتڪار، ملز مالڪ، وڏا واپاري، پراپرٽي ڊيلرز ۽ هول سيلرز شامل آهن
ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته فهرست ۾ شامل ماڻهو ورهين کان ڪاروبار جي ٽئڪسز نيٽ ۾ شامل نه ٿيا آهن، ٽئڪس نوٽيس تي هڪ هفتي ۾ دستاويز پيش نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي