واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي خابرو اداري سي اين اين پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪي انٽيليجنس جائزي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته گذريل هفتي ايران جي ٽن ائٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملن سان بنيادي مواد تباهه نه ٿيو، جائزي واري رپورٽ آمريڪي دفاع واري کاتي جي انٽيليجنس ايجنسي ڊي آءِ اي تيار ڪئي آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايراني ائٽمي ٺڪاڻا تباهه نه ٿيڻ جي رپورٽس بعد سي اين اين، اي بي سي ۽ اين بي سي تي تپي باهه ٿي ويو، ٽرمپ آمريڪي ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي ڪوڙو قرار ڏيندي خابرو ادارن کي تنقيد جو نشانو بڻايو، صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران ۾ جن هنڌن تي حملو ڪيو، اهي مڪمل طور تباهه ٿي ويا، رڳو جعلي خبرون ئي ڪجهه ٻيون دعوائون ڪن ٿيون ته جيئن اسان جي ڪارڪردگي کي ڪمزور ظاهر ڪري سگهجي. آمريڪي صدر پريس ڪانفرنس دوران به سي اين اين تي ڇوهه ڇنڊيا ۽ رپورٽ کي من گهڙت قرار ڏيندي چيو ته ايران جو پروگرام تباهه ٿيو آهي پر ٻه ماڻهو آمريڪا جي فوج کي ان جو ڪريڊٽ ڏيڻ نه ٿا چاهين. آمريڪي پرڏيهي وزير به اها رپورٽ رد ڪئي. ٻئي طرف پينٽاگون جو چوڻ آهي ته اها ابتدائي رپورٽ هئي جنهن کي ظاهر ڪيو ويو آهي.