ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ۽ ماڊل ملائڪا اروڙا جو اڳوڻو مڙس ارباز خان پنهنجي خاندان سان گڏ ريسٽورنٽ ۾ لنچ لاءِ پهتو. ڀارتي ميڊيا موجب ملائڪا اروڙا تازو ئي باندرا شهر ۾ اسڪارليٽ هائوس نالي هڪ نئون ريسٽورنٽ کوليو آهي.ارباز خان گذريل ڏينهن پنهنجي فيملي سان ملائيڪا اروڙا جي نئين ريسٽورنٽ ۾ لنچ ڪندي نظر آيو، جنهن جون وڊيوز وائرل ٿي ويون. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ارباز خان کي پنهنجي پيءُ سليم خان، سلميٰ خان ۽ هيلن سان گڏ هڪ ريسٽورنٽ ۾ ويندي ڏسي سگهجي ٿو. ٻئي طرف ارباز جي شورا خان کانسواءِ ملائڪا جي لنچ ڊيٽ ۾ شرڪت ڀارتي ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي.وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ مداح ارباز خان کان شوريٰ جي غير موجودگي بابت سوال ڪري رهيا آهن.