پشاور(اسپورٽس نيوز) پشاور جي تاريخي ارباب نياز ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو نالو تبديل ڪرڻ وارو فيصلو تڪرار جي ور چڙهي ويو. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور شاهه باغ ۾ موجود اسٽيڊيم جو نالو تبديل ڪري “عمران خان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم” رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته صوبائي ڪابينا جمعي تي ان فيصلي جي منظوري ڏيندي. ٻئي پاسي غيرتصديق ٿيل اطلاعن موجب، پاڪستان سپر ليگ جون ميچون پشاور ۾ نه ڪرائڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته فرنچائزز شهر ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيڊيم جو نالو تبديل ڪرڻ تي ارباب نياز جي پٽ، ارباب شهزاد جيڪو اڳوڻو چيف سيڪريٽري ۽ عمران خان جو صلاحڪار رهي چڪو آهي. هن چيو ته سندس والد جي نالي کي مٽائي عمران خان کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پشاور ميونسپل ڪميٽي سندس والد جي وفات بعد ٺهراءَ ذريعي اسٽيڊيم جو نالو رکيو هو. هن سوال ڪيو ته ڇا صوبائي حڪومت عمران خان کان اجازت ورتي آهي؟ ڇو ته عمران خان سدائين زنده ماڻهن جي نالي تي عمارتن يا روڊن جا نالا رکڻ جي مخالفت ڪندو رهيو آهي. ارباب شهزاد وڌيڪ چيو ته 2013ع ۾ عمران خان جي هدايت تي صوبائي ڪابينا فيصلو ڪيو هو ته ڪنهن به زنده شخص جي نالي تي ڪا عمارت يا روڊ منسوب نه ڪيو ويندو، ان ڪري اسٽيڊيم جو نالو تبديل نه ٿيڻ گهرجي.