شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد ڳوٺ نم ليار ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙي ۾ نامياري اديب ڊاڪٽر انور عالماڻي سان گڏ زخمي ٿيل سندس سوٽ به فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ واقعي ۾ قتل ٿيلن جو انگ 3 ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ شيخ  ڀرڪيو ٿاڻي جي حد ڳوٺ نم ليار ۾  ٻه ڏينهن اڳ زمين جي تڪرار تان عالماڻي ۽ نظاماڻي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري  ڊاڪٽر انور علي عالماڻي سندس هاري احمد ٻارڻ قتل ٿي ويا هئا جڏهن ته سندس سوٽ نعمت الله ۽ علي احمد عالماڻي سخت زخمي ٿي پيا هئا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي علاج دوران زخمن جي سٽ نه سهندي ڊاڪٽر انور علي عالماڻي جو سئوٽ نعمت الله عالماڻي به فوت ٿي ويو آهي. اهڙو اطلاع سندس  ڳوٺ سونو خان عالماني ملڻ تي ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو. ڊاڪٽر انور عالماڻي ۽ سندس هاري جو قتل ڪيس شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي ڇھ جوابدارن خلاف داخل ڪيل آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي.

ڊاڪٽر انور عالماڻي جي قتل تي ٽنڊي محمد خان جا تعليمي ادارا بند، پوليس ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي نه ڪئي

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) سنڌ جي ناليوارو ليکڪ ڊاڪٽر انور علي عالماڻي ۽ سندس هاري احمد ٻارڻ جي قتل واري ايف آءِ آر داخل ڪرڻ باوجود پوليس پنجن جوابدارن مان صرف ٻن جوابدارن عبدالوهاب عرف شينهن نظاماڻي ۽ عمر فاروق نظاماڻي گرفتار ڪري سگهي آهي جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ نامزد باقي 4 جوابدار خان محمد نظاماڻي، عبدالستار نظاماڻي ، بهادر ۽ محمد اڃان تائين پوليس جي پڪڙ هيٺ نه اچي سگهيا آهن. هوڏانهن ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر انور علي عالماڻي جي بيدردي سان قتل واري واقعي تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ سندس پاران قائم ڪيل مخدوم بلاول ڪاليج ، دارلعلوم هائير سيڪنڊري بوائز اسڪول ۽ گرلس اسڪول سوڳ ۾ 3 ڏينهن به بند رهيا، شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي ايس ايڇ او منظور شورو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته قتل واري واقعي ۾ گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن  عبدالوهاب عرف شينهن نظاماڻي ۽ عمر فاروق نظاماڻي کي اڄ ٽنڊو محمد خان جي سول ڪورٽ ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو ، هن ٻڌايو ته وڌيڪ رهيل 4 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پارٽيون ٽنڊو محمد خان ضلعي ۽ بدين ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي رهيون آهن، جلد رهيل جوابدار به گرفتار ڪيا ويندا.  جڏهن ته ڊاڪٽر انور علي عالماڻي جي ڳوٺ سونو خان عالماڻي ۾ وڇايل تڏي تي ويٺل سندس مامي صحت کاتي جي اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر عظيم عالماڻي ۽ سندس فرزند ظفر عالماڻي سان عذر خواهين جو سلسلو جاري آهي.