ادو مُئو ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا!

0
301
قِصو-ڊِي-سِي-صاحب-کان-مِليل-ڏيڍ-رُپيو-اِ

هڪڙي مهانگائي ٻي بيروزگاري ٽئين مُلڪ ۾ سياسي افراتفري، ڪي پيا چون ته عمران خان ويو، ڪي وري پيا چون ته، ادا عمران اُستاد ماڻهو آهي مشڪل وڃي! مِٺڻ مواليءَ جي اوتاري تي سنگت ڀنگ پيئڻ کانپوءِ اهڙا سياسي بحث ڪري جو رات جا ٻارنهن ٿيو وڃن، آئون ٻانهون لوڏيو ٺلهين هٿين گهر وڃان ته، طوطن ماءُ پيرَ ٻڌي مُون تي چڙهيو وڃي. آئون کيس تبديلي، نئين پاڪستان، صحت ڪارڊ ۽ احساس ڪفالت پروگرامن جا ليکا ڏيو سُمهاريو ڇڏيان. صُبح جو وريو طوطن ماءُ جهيڙو شروع ڪريو ڇڏي. چئي: مُئا! باهه ڏيان تُنهنجي تبديلي  کي، مُون کي اٽو، کنڊ، پتي، تيل، لُوڻ، مرچ ۽ ڀاڄي آڻي ڏي. هاڻي مون وٽ پئسا هُجن ته سندس فرمائشون پوريون ڪريان، پوءِ ته مائي صفا ڇتي ٿي پوي، اهڙو زوردار ٽرڪو شروع ڪري ڏنائين، جو اوڙي پاڙي جي ماين لوڙهي جي ويجهو کٽون رکي اسان جو تماشو پئي ڏٺو. اهو منظر ڏسي مُنهنجي ڪاوڙ جو پارو 100 ڊگرين کان به ٽپي ويو. مون وات بند ڪرڻ لاءِ کيس چار پنج مُڪون ۽ چار پنج لتون وهائي ڪڍيون. هن وري جوابي ڪارروائيءَ ۾ ٻانهون کُنجي مُون کي اٺ ڏهه مُڪون ۽ اٺ ڏهه لتون وهائي ڪڍيون.

هڪڙي لَتَ مُون کي گُڙدي ۾ اهڙي لڳي جو سُورن جا جل ٿي ويا، اکين جا دوڏا نڪري آيا. رڙيون ڪرڻ لاءِ وات ايترو ڦاٽي ويو جو هيٺئين ڄاڙي پٽ تي هُئي ته مٿين ڄاڙي ڇاڄي تي هُئي. مُنهنجا اهڙا ٻڙڪاٽ هُجن جهڙو ڪُتي لوڙهي ۾ ڦاسي پئي هُجي. اهڙي ٻڙڪاٽ ٻُڌي نانا پِيرو، ماسات ماڪوڙو ۽ سئوٽ صدورو ڊوڙي آيا، سي مُون کي سُيون ۽ بوتلون هڻائڻ لاءِ عطائي ڊاڪٽر سلو سروٽي ڏانهن کڻائي ويا، پُٺيان وچ وارن چُغلي خورن انهن خبرن ۾ مرچ مصالحا ملائي وڃي مون واري سس سڳوري ماسي ناٿي نانگڻ کي ٻُڌايو، سا ڏانئڻ واءُ مِينهن ڪري آئي طوطن ۽ طوطن ماءُ کي وٺي مُنهنجو گهر خالي ڪري رواني ٿي وئي. ڊاڪٽر سلو سروٽي ست بوتلون ۽ ٻائيتاليهه سُيون هيون ته، مس وڃي گُڙدي جو سُور لٿو، آئون گهر پهتس ته، سُڃَ سلالا ۽ ڀِينگ ڀلالا لڳي پئي هُئي. آئون طوطن ۽ طوطن ماءُ جي گمشدگيءَ جو اطلاع ٿاڻي تي ڏيڻ ۽ اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ لاءِ پٽڪو ٻڌي ٻاهر نڪتس ته پاڙي وارن مون کي ٻُڌايو ته، اهي تو وارا ٻئي ڍور ناٿي نانگڻ ڪاهي وئي اٿئي. آئون وڃي ماسي ناٿي نانگڻ وٽ پهتس، هن ظالم مُون کي پنهنجي گهر ۾ گهڙڻ ئي ڪونه ڏنو. در تي مُون تي ڪئين ايف آءِ آرون ڪڍيو ويٺي هُئي، مُون تي ائين پئي جرح ڪري جهڙي سُپريم ڪورٽ جي وڪيل هُجي.

چيائين، پهرين اهو گهر خالي ڪر، تو مُنهنجي ڌِيءَ کي حق مهر ۾ لکي ڏنو آهي. اهو ٻُڌي مُنهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، چيم گهر کان اٿئي آڱوٺو، باقي تو مُنهنجي زالَ ۽ پُٽَ کي اغوا ڪيو آهي، ان جي تو تي ايف آءِ آر ٿو ڪٽرايان. چيائين، توکي به موڪل آهي، پِڻهين دوسن دوسناڻيءَ کي به موڪل آهي، مُنهنجو آڱوٺو به ڪونه وڍبو! هُوءَ اندران در بند ڪري وئي هلي. آئون گهر آيس. اڪيلو گهر ۾ ائين پيو هلان جهڙو ويران مقام تي مجاور ويٺو هُجي. ماني ٽڪي ته بي حيا ۽ بي شرم ٿيو، ڪڏهن نانا پيرو، ڪڏهن ماسات ماڪوڙي ته ڪڏهن سوٽ صدوري جي گهران کايو اچان، باقي چانهه پاڻيءَ لاءِ پريشان هُئس. ڪپڙن ۾ اڳٺ به طوطن ماءُ وجهي ڏيندي هُئي. پاڻ ئي اڳٺ وڌم ٿي ته، اڳٺ وجهڻي هٿ نه اچي. ڪاٺي هٿ ڪرڻ لاءِ گيدوڙي تي چڙهيس، ته اُتي ويٺل ڪانگڙيءَ سمجهيو ته، آئون سندس ٻچا ٿو کڻان، سو مُون تي حملو ڪري ڏنائين، مٿي تي اهڙا ٺونگا هنيائين جو مٿو اهڙو پئي لڳو جهڙو پروڻ اُونڌو ٿيو پيو هُجي. انهيءَ دردناڪ واردات کان پوءِ مُون کي ماسي ناٿي نانگڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. مُون پنهنجن خاص چمچن کجو کنڀڙاٽي، پپن پاسراٽي، نُورل نماڻي، ڏاڙهون ڏُکايل، مٺن موالي ۽ ٻين کي گُهرائي اهم ميٽنگ ڪئي، ان ۾ اهو طئي ڪيوسين ته، گهر جي اڱڻ جي گيدوڙي گرائونڊ تي زبردست جلسو ڪنداسين ۽ ماسي ناٿي نانگڻ کي زبردست پاور شو ڏيکارينداسين. اسان انهيءَ جي تياري شروع ڪري، اوڙي پاڙي جي ڳوٺن ۾ دعوت ناما ورهايا، ڀَتَ لاءِ چندا مهم شروع ڪئي، ان ڪري جو سنڌي ماڻهو ڀَتَ جو صفا ڀاڙيو آهي.

ڀَتَ جو آسرو هُوندو ته، دُشمن جي ڪاڄَ ۾ به هليو ويندو ۽ بنا پوئو لکرائڻ جي ڀَت کائي پيٽ کي دُهل جيان ڦُوڪائي ٻاهر نڪرندو. اسان جي پروگرام جون تياريون ڏسي ماسي ناٿي نانگڻ کي به ٿوري سنوالي غيرت اچي وئي تنهن به پي ڊي ايم وانگر طوطن پِيءُ مخالف اتحاد ٺاهيو، ان اتحاد ۾ مُنهنجو ازلي دُشمن قادر ڪوراڙ۽ ظالم وڏيري رئيس گُلڻ خان گول باڊي کي به شامل ڪري ڇڏيو. مُنهنجي خلاف رئيس گُلڻ خان گول باڊي جي اوطاق تي زبردست جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پوءِ ته مُون وڏي جلسي ڪرڻ لاءِ نُنهن چوٽيءَ جا زور لڳايا. نيٺ جلسي جو ڏينهن اچي ويو، مُون گيدوڙي ۾ هڪ پينافليڪس تي ”حق جي راهه “ لکي ٽنگيو، ماڻهو اچي گڏ ٿيا، گهڻو ڏيک ڏيڻ لاءِ مُون ڦُلي ڪُڪڙ جا چُوزا، دادلي ڪُتيءَ جا گُلر ۽ مانواري بي اولاد منڊڙي گڏهه به جلسي گاهه ۾ بيهاري ڇڏي. سڄو جلسي گاهه ڀرجي ويو. منهنجن چمچن منهنجي تعريفن ۾ ڏاڍيون ڀليون تقريرون ڪيون، آخر ۾ مُون ڳالهايو، پوڻا ٻه ڪلاڪ تقرير ڪيم، ماسي ناٿي نانگڻ، قادن ڪوراڙ ۽ رئيس گُلڻ خان گول باڊي کي 360 گاريون ڏئي کين ٽڪي هڪڙي جو ڪري ڇڏيم، کيسي مان هڪ ڪاڳر ڪڍي عوام کي ڏيکاري چيم ته هِي خط ماسي ناٿي نانگڻ، قادن ڪوراڙ ۽ رئيس گُلڻ خان گول باڊي جي چوڻ تي دُشمن مُلڪ مُون کي ڌمڪيون ڏيڻ لاءِ لکي موڪليو آهي.

آئون صفا سياڻو ماڻهو هُئس، مُون اهو خط ڪنهن کي به ڪونه ڏيکاريو، انشاءَ الله اهو خط ڏينهن قيامت تائين راز ۾ رهندو. ٻئي ڏينهن وري ماسي ناٿي نانگڻ واري اتحاد مُون خلاف زبردست جلسو ڪيو، تنهن ۾ مُون خلاف گهٽ وڌ ڳالهائي، گاريون ڏئي، ذاتي حملا ڪري مُون کي ٽڪي هڪڙي جو ڪري ڇڏين. مُون کي ماسي ناٿي نانگڻ تي اهڙي ڪاوڙ آئي، جو ساڻس وڙهڻ لاءِ آئون ڪُهاڙي کڻي سندس در تي پهچي هڪلون ڪرڻ لڳس ته طوطن ماءُ مُون کي نِنڊَ مان اُٿاري چيو، ”مُئا وري ڪهڙو خطرناڪ خُواب ڏٺو اٿئي؟“ چيومانس، تُنهنجي ماءُ سان وڙهڻ پئي ويس، خُواب ۾ هن مون کان توکي ۽ طوطن کي کسيو هو ۽ مُون خلاف وڏو اتحاد ٺاهي ڏاڍو گهٽ وڌ ڳالهايو هُئس، اهو ٻُڌي طوطن ماءُ وڏو ٽهڪ ڏئي چيو، مُئا! تُنهنجي ذهن تي عمران خان ۽ پي ڊي ايم جي جهيڙن ۽ جلسن جو اثر آهي، ماڻهو ٿي پنهنجي روزگار جي ڳڻتي ڪر! مون طوطن ۽ طوطن ماءُ کي جو گهر ۾ ڏٺو ته ٺَري پيس، کين ڀاڪر پائي ڪملو ڀري سُمهڻ لڳس. ننڊ اچڻ کان اڳ سوچڻ لڳس ته، عمران خان ٿو عدم اعتماد جي رٿ کٽي يا پي ڊي ايم وارا، اسان تي ڪهڙو اثر پوندو، اسان سان اها حالت ٿيندي جو ”ادو مُئو ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا“.

اسان وٽ اها ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري هُوندي، نوڪريون لکن ۾ پيون وڪامنديون، روڊ رستا ڦِٽا پيا هوندا، اسڪيمون اڌ ۾ رهيل هُونديون. بدين ضلعي وانگر اسان جي واهن، شاخن ۽ واٽرن ۾ واري پئي اُڏامندي، اسان جي درياهن جي پاڻيءَ تي پنجاب جو قبضو هوندو. اسان جا موتين جهڙا ٻارڙا ۽ سُهڻا مورَ ٿر ۾ بي موت پيا مرندا. اسان جي معصوم نياڻين جي يونيورسٽين جي هاسٽلن ۾ لڄالٽ ڪري، ماري، خودڪشين جو ڊرامو رچايو پيو ويندو. اسان جي غريب هارين ۽ مزدورن جا ٻارَ رات جو ننڊ مان اُٿي رڙيون ڪري پيا چوندا ته، ”امان بُکَ لڳي آهي!“ ان ڪري اچو ته سياستدانن جي اقتدار جي جهيڙن کي ڇڏي مُڙسي ڪريون. پنهنجن ظالم ميرن، پيرن، ڀوتارن ۽ سردارن خلاف شاندار ٻڌيون ڪري جنگ جوٽي پنهنجي موجوده ۽ ايندڙ نسلن کي عزت ۽ جياپو ڏئي سندن وجود سنواريون ۽ بچايون. وڏڙا چئي ويا آهن ته، ”ابي چاڙهي، ادي چاڙهي، مُون نه چاڙهي ته ڪنهن نه چاڙهي“. مُون کي هڪ انقلابي شاعر جو هِي شعر ياد اچي ويو آهي ته:

اچو ته جنگ جوٽيون حرامخور شوم سان

وڏو پيو انقلاب اچي وڏي  ڌام ڌوم سان