لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل جي ادب شعبي پاران ”هڪ ڏينهون ادبي اسڪول“ جي سري هيٺ آرٽس ڪائونسل جي ڀٽائي ادبي ھال ۾ ويهڪ ٿي گذري. ”سائنس جو ادب تي اثر“ واري موضوع تي ڳالهائيندي دانشور ڊاڪٽر سڪندر مغل چيو ته سائنس تڏهن وجود ۾ اچي ٿي، جڏهن پرتجسس تصور پيدا ٿئي ٿو، ان ڪري ادب کي تصور سان ڳنڍيو ويندو آهي ۽ سائنس کي عقل سان، پر ٻنهي جو بڻ بڻياد تصور يا تخيل تي آڌار رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سائنس جو سڀ کان وڌيڪ اثر ٻولي تي پيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ادب هڪ سائنسي لاڙو اختيار ڪري ورتو آهي. ”ادب جو نفسياتي پهلو“ جي موضوع تي نفسياتدان ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي چيو ته ادب ۽ نفسيات جي وچ ۾ ٻه طرفو تعلق آهي، ان ڪري ادبي ڪمن کي نفسيات ۽ ادبي سائنسز جي وسيلي پرکڻ ممڪڻ بڻجي ٿو، ادبي ڪم يا تخليق انسان ذات جو مطالعو ڪري ٿو، جڏهن ته اهو ادب ساڳئي ئي وقت ڪن نفسياتي حالتن جو نتيجو پڻ هوندو آهي. انجمن ترقي پسند مصنفين جي اڳواڻ ۽ ليکڪ ڊاڪٽر خادم منگيءَ ”ادب ۽ ترقي پسند تحريڪ“ واري موضوع تي چيو ته جيڪا به شي انسان کي اڳتي وٺي وڃي ٿي، انهي کي ئي ترقي پسندي چئجي ٿو. ليکڪ مصور منگيءَ ”ادب جا جديد فڪري لاڙا“ واري موضوع تي ڳالهائيندي چيو ته انساني وجود تي مختلف دورن ۽ خطن ۾ موجود فڪري لاڙن جو تمام گهڻو اثر پيو آهي، اھڙيءَ ريت سنڌي ادب پڻ انهن فڪري لاڙن کان پالهو نه رهيو آهي. ان کان اڳ آرٽس ڪائونسل جي ادب شعبي جي چيئرمين عيسيٰ ميمڻ آيل مهمانن کي آجياڻو ڏيندي چيو ته آرٽس ڪائونسل جي پليٽ فارم تان اسان لڳاتار تاريخي ۽ يادگار پروگرام منعقد ڪيا آهن، اڄوڪو هي پروگرام به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، اسان اڳتي به اهڙا علمي، ادبي ۽ فڪري پروگرام ڪرائڻ جو عزم رکون ٿا ته جيئن سماج ۾ مثبت سوچ، قدرن ۽ ساڃاهه جي آبياري ٿي سگهي. پروگرام جي پڄاڻيءَ تي آرٽس ڪائونسل جي فنانس سيڪريٽري عبدالنبي ساريي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ آرٽس ڪائونسل جي پليٽ فارم تان ڪيل پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مختصر وچور ڏنو. پروگرام جي ڪارورائي نوجوان ليکڪ حسين ڪنڀر هلائي. پروگرام نامياري محقق جيئل اوڏ کي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ جي مڃتا طور لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. جڏهن ته سميع ساجد جوڻيجو، خاور قبولائي، ناياب سرڪش سنڌي، حمزه علي سوهو، خليق ميمڻ، ننگر چنه، ڪوڙل قربدار، منظور شيخ، غلام حسين ڪٽپر، تشڪيل ميربحر، سراج ڪلهوڙو، شاهد بليدي، عمران ابڙو، علي بخش پٺاڻ، سميت شاعرن، اديبن، ساڃاھ وندن ۽ سول سوسائٽيءَ نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.