ادب ۽ آرٽ جو ڪئنواس

0
140
ادب ۽ آرٽ جو ڪئنواس

زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسيءَ جو نانءُ ادب آهي. سماج ۾ ادب جي اوسر جو  دارومدار اُتان جي ليکارين جي تخليقي ڪم سان جُڙي ٿو. اسين سڀ آرٽ سان مُحبت ڪندڙ ماڻھو آھيون، سنڌ ۾ علم ادب ۽ آرٽ جو  به ھڪ حَسين ۽ وسيع پس منظر رھيو آهي .سنڌ جا  ليکڪ، ادب دوست پنهنجي تخليقي ڪمن ۾ مصروف رھندا پيا اچن. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ادب جي حوالي سان مختلف وقتن تي ڪتاب پڻ شايع ٿيندا رھن ٿا، اھڙي ريت سنڌ ۾ نئين ٽھي جو تخليقڪار پڻ سُٺو لکڻ جي جستجو ۾ آهي. گذريل ڏينهن جڏهن مون ادب جي دنيا جي حوالي سان پنهنجين يادگيرين تي مشتمل ڪتاب سھيڙيو پئي، تڏهن ذھن جي ڪئنواس تي تمام گھڻيون يادگيريون ذھن تي تري آيون، خاص طور تي مٺي شھر سان جڙيل يادون ۽ مٺي شھر جو  ادبي ماحول، منھنجي  ننڍپڻ جون يادگيريون، جن کي ماڻھو ڪڏھن به وساري نٿو سگھي. مون پنھنجي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب کي سھيڙڻ مھل ادبي دنيا جي انھن خوبصورت لمحن کي ياد ڪيو، جيڪي لمحا ھڪ ليکڪ جي زندگيءَ جو خوبصورت گيت ھوندا آهن.

لکڻ ڇا آهي؟ ماڻھو ڇو ٿو لکي؟ ليکڪ ڪيئن پيدا ٿيندو آهي؟ ليکڪ ڇا کي چيو ويندو آهي؟ ھِي اھڙا سوال آهن جن جا جواب ھر ماڻھو وٽ پنهنجي سوچ موجب ۽ پنهنجي پنھنجي خيال موجب ھوندا آهن. لکڻ ھڪ جادوگري آهي يا ھڪ ڏات آهي، جيڪا اُنهن وٽ ھوندي آهي، جيڪي حساس دل جا مالڪ ھوندا آهن يا جيڪي فطرت سان محبت ڪندڙ ھوندا آهن ۽ ھُو پنهنجن احساسن ۽ جذبن کي نثر يا شاعريءَ ذريعي اظھاري ڪا نئين تخليق ڏيندا آهن، ھڪ ليکڪ جڏهن لکڻ شروع ڪري ٿو ته، ھن جي تخليقي سفر ۾ جتي ٻين محرڪن جو عمل دخل ھوندو آهي ته اُتي درد جون سموريون ڪيفيتون انھيءَ ليکڪ ۽ شاعر جي لکڻين جو موضوع ھونديون آهن.

چون ٿا ته عظيم تخليق جا سرچشما گهڻو ڪري اتان ئي ڦُٽي نڪرندا آهن، جتي ڏُک، درد، بک ۽ افلاس جو راڪاس راڄ ڪندو آهي، اھو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا جا بھترين فن پارا ۽ تخليقڪار صحرائن ۽ ريگستاني علائقن مان جنم وٺندا رھيا آهن. ھڪ تخليقڪار جي ناتي منهنجو تعلق پڻ درد جي صحرا ٿر سان آهي ۽ ٿر، جيڪو سراپا صدائون آهي، جيڪو سراپا عشق آهي. منھنجي جنم ڀومي پڻ مٺي شھر آهي، ھِي سنڌ جو اھو شھر آھي، جيڪو سنڌ ۾ مذھبي رواداري امن ۽ آشتي جي شھر طور پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. ھِي شھر محبتن ۽ عقيدتن جو شھر آهي. ھن شھر جي مذھبي رواداري ۽ تصوف جي رنگن ۾ سنڌ جون شاندار روايتون رقص ڪن ٿيون، منھنجيون ھن شھر سان تمام گھڻيون يادون وابسته آهن. ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جا ڏينهن، ادب جي دُنيا ۾ اچڻ، دوستن جي ڪچھرين جو رنگ منچ، مطلب اھي سڀ يادگيريون جيڪي منهنجي  زندگي جو حصو آهن.

مٺي شھر جي پنھنجي انفراديت رھي آھي، ھِي شھر ادب  آرٽ ۽ موسيقيءَ جي حوالي سان شاهوڪار شھر رھيو آھي. بنيادي طور تي آئون مڊل ڪلاس فيملي سان تعلق رکان ٿو، منهنجا ابا ڏاڏا رڱاوت جي ڪرت سان وابسته رهيا آهن.

جيڪي  مٺي شھر ۾سالن کان ڪم ڪندا پيا اچن، مٺي شهر ۾ منهنجي والد صاحب پڻ انهيءَ ڪم کي جاري رکيو، ايئن بعد ۾ آئون پڻ انهيءَ رڱاوت جي ڪم ۾ جنبي ويس، گهر ۾ جيڪو رڱاوت وارو ماحول مليو، اهو فن آرٽ ۾ شمار ٿئي ٿو، رڱاوت جي آرٽ ۽ چٽسالي واري ماحول مون ۾ اُتساهه پيدا ڪيو، ايئن ئي انهيءَ آرٽ کي ڏسندي مون ادب جي دنيا ۾ پير پاتو. رڱاوت جي ڪم لاءِ مون کي اڪثر ٿر جي ٻهراڙين ۾ وڃڻو پوندو هو، جتي هٿ جو پورهيو ڪندڙ هُنرمند عورتن جي ڏُکن، سُورن جو مشاهدو پڻ ٿيو، مُنهنجي انهيءَ مشاهدي پڻ مون کي ڪُجهه لکڻ تي مجبور ڪيو، دل ۾ خيال آيو ته هنرمند هٿن جي پورهئي جو قدر ڪيئن ڪرائجي،؟ اهڙي ريت رنگن جي آرٽ ۽ هنرمند هٿن جي مشاهدي تي مون ڪجهه  لکڻ شروع ڪيو. اڄ به منهنجي انهيءَ رنگن جي آرٽ سان وابستگي رھي آهي، مون کي فخر آهي ته آئون  انهي رڱاوت جو ڪم ڪندڙ آرٽسٽ جو پٽ آهيان، جنهن رنگن جي دنيا ۾ رهي ڪري  پگهر جو پورهيو ڪري مون کي لکايو، پڙهايو ۽ هڪ نئين منزل تي پهچايو.

مٺي شھر سان جُڙيل يادون منھنجي زندگي جو خوبصورت حصو آھن. پيشي جي لحاظ کان آئون ھڪ ليڪچررار آھيان، اسڪول ۽ ڪاليج واري زماني ۾ آئون ھڪ وچ ٿرو شاگرد رھيو آھيان. اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيءَ واري دور ۾ آئون ھڪ سرگرم شاگرد جي حيثيت سان ھميشه اڳڀرو ھوندو ھئس ۽ مختلف پروگرامن، تقريرن، تحريرن ۾ حصو وٺندو ھئس، اسڪول واري زماني ۾ تقريرن ۽ تحريرن ۾ مانوارو استاد سائين ھيمنداس چنداڻي اسان جي رھنمائي ڪندو ھو. ادب جي دنيا ۾ مون لکڻ جي باقاعده شروعات 1990ع کان ڪئي هئي، تڏهن آئون اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس، انهيءَ زماني ۾ منهنجو پاڙيسري دوست ڀيم سوٽهڙ ادب جي دنيا سان واڳيل هو، ڀيم سوٽهڙ انهيءَ دور ۾ اخبارن ۾ مضمون لکڻ، اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب گهرائڻ ۾ سرگرم عمل هوندو هو، انهي وقت مٺي شھر ۾ ڀيم سوٽهڙ جي والد صاحب آسن داس سوٽهڙ جي اوطاق ٿر جي علمي ادبي ۽ سياسي شخصيتن جي خاص بيٺڪ (اوتارو) هوندي هئي، جتي وقت جا دوست علم ادب، فن ۽ سياست تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا، انهيءَ علمي ادبي نرسري ۾ مون به ڪجهه پرايو ۽ واس ورتو. ايئن ئي انهيءَ وقت ڀيم سوٽهڙ مون کي لکڻ لاءِ اُتساهيو. ھن زماني ۾ به اسان ھن ساڳي اوطاق تي ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي جي ميزباني ۾  مٺي جا علمي ادبي دوست گڏ ٿيندا رھندا آھيون. مون کي چڱي ريت ياد آهي، جڏهن  منهنجو پهريون مضمون 1990ع ۾ هڪ رسالي ۾شايع ٿيو هو، 1990ع واري ڏھاڪي ۾ ڪامريڊ نند لال مالھي، شنڪر ساگر، ڪرشن شرما، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي، لڇمڻ ٿري، دليپ ڪوٺاري، ڀيم سوٽهڙ ۽ ڪجهه ٻيا دوست مٺي ۾ علمي ادبي سرگرمين ۾ اڳڀرا هوندا هئا، انهيءَ دور ۾ شھر مٺي علمي ادبي سرگرمين جو مرڪز هوندو هو. منهنجي علمي ادبي سرگرمين نئون رخ تڏهن ورتو،

جڏهن انهيءَ وقت ۾ منهنجي هم ڪلاسي ساٿي پياري شواڻي سان دوستي ٿي هئي، اهڙيءَ ريت 1993ع کان مون پياري شواڻي سان گڏجي علمي ادبي سرگرمين کي جاري رکيو. جيتوڻيڪ منهنجي گهر ۾ مون کي ادبي ماحول ميسر ڪونه هو پر مونکي گهران جيڪا خرچي ملندي هئي، انهيءَ ۾ آئون ڪتاب خريد ڪري پڙهندو هئس، ائين ئي انهيءَ دور ۾ آئون پنهنجا مضمون (ڪالم) لکي اخبارن ۾ موڪليندو هئس، انهيءَ دور ۾ منهنجا مضمون مختلف سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا، 1994 واري عرصي ۾ اسان جو صادق فقير سان دوستي جو رشتو جڙيل رھيو. صادق فقير جي ماٺيڻي مزاج ۽ پرخلوص ڪردار اسان کي تمام گهڻو اتساهه ڏنو، مٺي ۾ جيڪي علمي ادبي سرگرميون ٿينديون هيون، انهن ۾ هو اسان جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندو هو، اهڙي ريت مٺي ۾ سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪرڻ ۾ صادق فقير پنهنجو ڀرپور ڪرادر ادا ڪيو ھو، انهيءَ دور ۾ اسان موهن ڀڳت آرٽ اڪيڊمي طرفان پڻ پنهنجون علمي ادبي سرگرميون جاري رکيون، ائين ئي منهنجو لکڻ ۽ ادبي سرگرمي ۾ مشغول رهڻ گڏو گڏ جاري رهيو. ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان اسان جي ادب ذوق دوستن جو ھر روز مکاميلو ٿيندو ھو، چاچي رتن مالھي واري ھوٽل تي پڻ اسان مٺي جا ادب ذوق دوست گڏ ٿي غير رسمي ڪچھريون ڪندا ھئاسين. انھي رتن واري ھوٽل تي سائينداد ساند، ڊاڪٽر شنڪر، نور احمد جنجھي، ڪرشن شرما، ماما وشن ٿري، ڀارومل امراڻي، کاٽائو جاني، پيارو شواڻي، دليپ ڪوٺاري، خليل ڪنڀار، ممتاز نھڙيو، نصير ڪنڀار، دليپ لوھاڻو ۽ ٻيا دوست گڏ ٿيندا ھئاسين، اتي وري اسان جا ھي دوست علم، ادب، فن تي وڏا وڏا بحث ڪندا ھئا. لکڻ ھڪ ذميواري جو ڪم ھوندو آهي. جڏهن  آئون ٿر جي ڪنھن موضوع، مسئلي تي  لکندو آھيان يا ڪنهن درد جي منظر تي لکندو آھيان ته  تمام گھڻو جذباتي ٿي ويندو آھيان ۽ پوءِ وري لکڻيون ڇپجڻ تائين بي آرامي ھوندو آھيان، ائين مون پنهنجي آس پاس واري ماحول،  مطالعي ۽ مشاھدي جي بنياد تي پنهنجي تخليقي سفر کي جاري رکيو. منهنجي  لکڻين جو محور ٿر رهيو آهي، ادب جي دنيا ۾ ھڪ ليکڪ پنهنجو وجود ڳولھڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آھيان ته، ادب جي دنيا مون کي ڇا ڏنو آهي؟ ھڪ ليکڪ جي زندگي ته تضادن سان ڀريل ھوندي آهي. انھن تضادن ۾ جيئڻ ۽ زندگي گذارڻ جو مزو به پنهنجو آهي. جيتوڻيڪ ادب جي دنيا مون کي بامقصد زندگي گذارڻ لاءِ ھڪ اتساھ  ڏنو آھي. انھي لاءِ ھر اھو نوجوان جيڪو لکڻ سان وابسته رھيو آهي، انھي کي ادب جي دنيا ۾ پنھنجو اسپيس پاڻ ٺاھڻ گھرجي. هن وقت تائين جيڪي ڪجھ مون لکيو آهي، انھي لاءِ آئون ڪا وڏي دعويٰ نٿو ڪريان، بس پنهنجن لکڻين بابت آئون صرف ايترو چئي سگهان ٿو ته، مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو منهنجي ضمير جو آواز آهي ۽منهنجي دل جو آواز آهي، لکڻ جي معاملي ۾ اڃان آئون پنڌ ۾ آھيان ۽ منهنجي منزل اڃان تمام گھڻو پري آهي .

هڪ ليکڪ جي ناتي آئون پنهنجي مزاج  ۾ سادگي پسند ۽ خوددار رھيو آهيان ۽ رهندس. ھتي اسان وٽ سوشل ميڊيا تي جيڪي پسند ناپسند جو جيڪو ڪلچر ھلندڙ آهي، ھڪٻئي جا پٽڪا ڌوڙ ڪرڻ جا جيڪي منفي رجحان ھلي رھيا آھن، يا ادبي حوالي سان جيڪا ڄنڊاپٽ ھلي رھي آهي، آئون انھن جو قطعي حامي ناھيان رھيو ۽ نه ئي منهنجو اھو ظرف رھيو آهي، جيتوڻيڪ ھتي ادب جي دنيا ۾ لکندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻ ۽ ادب جي فيلڊ ۾ انھن  جي رستا روڪ ڪرڻ وارا ٽرينڊ موجود آھن، ادب جي دنيا ۾ ڪُجهه دوستن پنهنجي “روايتي روين” ذريعي  منھنجي پڻ حوصلا شڪني ضرور ڪئي پر مون انهن دوستن جي روين جي ڪڏهن به پرواھ ناھي ڪئي. سو منهنجي زندگي جون ھِي سڀئي خوبصورت يادگيريون منهنجي ڪتاب جو حصو آهن. ادب جي دنيا ۾انھن خوبصورت لمحن ۽ مٺي شھر  جي يادن کي ڀلا ڪِيئن ٿو وساري سگھجي!