امر جليل سنڌي ادب جو اهڙو نالو جنھن جي تحريرن منھنجي رڳ رڳ ۾ سنڌي ادب سان چاھه اوتيو ۽ ادب جي عشق سان ڀريل پيالو پياريو. سندس ڪھاڻيون، قصا، افسانا ۽ نثري ٽڪرا پڙھڻ کان پوءِ منھنجي مَن ۾ ڪاغذ تي قلم ھلائڻ جي ھمت جاڳي اُٿي. امر جليل جو حقيقت نگاريءَ سان ڀرپور نثر پڙھي، منھنجو نثر جي صنف سان محبت جو رشتو جڙي ويو.

                         امر جليل جي ڪتابن پڙھڻ جي نشي جي ابتدا، سندس افسانن جي ڪتابن “اندرا، منھنجو ڏس آسمان کان پڇو، دل جي دنيا ۽ جڏھن مان نه ھوندس” پڙھڻ کان پوءِ ٿي. حالانڪه جڏھن مان سندس تحريرون پڙھڻ شروع ڪيون ھيون، تڏھن بلڪل اھو معلوم نه ھو ته مونکي سنڌ جي ھن جھوني اديب سان ايتريقدر عشق ٿي ويندو ۽ سندس ڪتابَ منھنجي سڪون جي ضمانت بڻجي ويندا ۽ ھاڻي ته امر جليل جا ڪتاب منھنجي عادت ۾ شامل ٿي چڪا آھن.

                         سندس ڪھاڻين جو ڪتابُ “جڏھن مان نه ھوندس” روهڙيءَ کان ڪراچي، ريل جي سفرَ دوران پڙھندو رھيس. “تاريخ جو ڪفن” گھر جي ڪم ڪار دوران پڙھيو، جڏھن گھر ۾ مستري ۽ مزدور مرمت جو ڪم ڪندا ھئا. “اندرا” سياري جي سرد راتين ۾ چانھه جي ڪوپ مان سُرڪيون ڀريندي پڙھيو ھو. سندس واحد ناول “نيٺ گونگي ڳالهايو” يونيورسٽيءَ جي امتحانن وارن مصروف ڏينھن دوران پڙھيو ھو، امتحانن جي تياري کان ھن ناول کي ترجيح ڏني. “سرد لاش جو سفر” ھاسٽل کان يونيورسٽيءَ ويندي رڪشا ۾ پڙھندو ويندو ھيس. “چنڊ وسامي ويو” ان وقت پڙھندو ھوس، جڏھن ٻين مصروفيتن کان بيزار اچي ويندو ھوس ۽ دماغ کي ٿورو پرسڪون ڪرڻ لاءِ سندس ڪتاب پڙھندو ھوس. “چيني ۽ چرٻٽ جون ڪھاڻيون” پاڻ سان گڏوگڏ ٻين دوستن کي نه ويھي پڙھي ٻڌائيندو ھوس. “دل جي دنيا ۽ منھنجو ڏس آسمان کان پڇو” حقيقت ۾ امر جليل جي لکڻ جي انداز واري سحر ۾ جڪڙجي ڇڏيو. سندس اردو ڪتاب “ایک دؤر کی اَن کہی داستان” رات جو ھاسٽل جي ڪمري کان ھيٺ لھي، ھوٽل تي چانھه جون ٻه چُسڪيون ھڻڻ جي بھاني ويندو ھوس ۽ روزانو جي بنياد تي اتي ويھندي ڪتاب پڙھي مڪمل ڪيو. ۽ ڪجهه ٻيا ته ياد نٿا اچن ته ڪٿي ۽ ڪڏھن پڙھيا.

بھرحال امر جليل جي تحريرن مونکي وڏو تبديل ڪري ڇڏيو آھي. مان پنھنجين سوچن جي ڌارائن ۾ بدلاءُ محسوس ڪندو آھيان. ھاڻي منھنجي لاءِ سماج ۾ اڻ ھضم ٿيندڙ ھر ننڍو وڏو واقعو ھڪ ڪھاڻيءَ جو روپ ڌاري اڳيان نروار ٿيندو آھي.

جڏھن نه، جنھن کي نه تحفي طور ڏيڻ لاءِ ڪجهه سوچيندو آھيان، ته امر جليل جا ڪتابَ ذھن جي تاريڪ خلائن ۾ منوَر تارا بڻجي اڳيان اچي بيھندا آھن. ۽ سوچيندو آھيان ته اھڙن ڪتابن کانسواءِ ڀلا ٻيو ڪجهه نه تحفي ۾ ڏئي سگھجي ٿو ڇا؟!!

امر جليل جون لکڻيون اھڙيون ته اثرائتيون آھن، جو ادب جي خوشبوءِ کان ميل پري بيٺل ماڻھو نه جڏھن کين پڙھندو آھي، ته اڃان وڌيڪ پڙھڻ جو خواهشمند ٿي پوندو آھي. ان جو وڏو سبب اھو نه ٿي سگھي ٿو، ته سندس ڪھاڻين ۾ حقيقت نگاريءَ کي مزاحيه انداز ۾ اھڙي نموني ته پيش ڪيو ويو آهي، جو لکڻين ۾ رس چس جي گھٽتائي محسوس نه ٿيندي آھي. مان پاڻ  جڏھن سندس ڪتابَ پڙھندو آھيان، ته ڪڏھن ڪڏھن ٻن ڪردارن جا مزاحيه مڪالما پڙھي بي ساخته کِلي پوندو آھيان. سندس ڪھاڻين ۾ اسان کي انسانن لاءِ درد ملي ٿو، “سرد لاش جو سفر” پڙھڻ کان پوءِ منھنجِي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ھئا. وري “عشق ۽ انٽرويو” پڙھڻ دوران ٽھڪ ڏئي کِلڻ لڳو ھيس، اھا واحد ڪھاڻي آھي جنھن کي مان پنجَ دفعا پڙھيو آھي. مان اھڙا ماڻھو اکين سان ڏٺا آھن، جن پنھنجي پوريءَ زندگيءَ ۾ ڪتابن جا ورق کولي نه ڏٺا، بلڪ ڪتابن جي شڪل نه نه ڏٺي ۽ اڄ اھي امر جليل جا ڪتابَ وڏي شوق سان پڙھن پيا.

امر جليل جي ڪھاڻين جو مرڪز ھميشه اسان جي سماج جو پيڙھيل طبقو رھيو آھي، ان جا ڏک، درد ۽ تڪليفون، ۽ ھُو انھن تڪليفن کي وري ڪيئن تفريح ۾ تبديل ڪندو آھي، اھو فن فقط امر جليل وٽ ئي آھي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار زندگيءَ جي خراب حالتن ۾ مسڪرائڻ جا سبب ڳولي وٺندا آھن. امر جليل جا ڪردار مذھبي متڀيد کان پاڪ ۽ صاف ھوندا آھن. سندس ڪھاڻين ۾ مذھبي رواداري واضع ۽ چِٽي ھوندي آھي. امر جليل جا ڪردار سياستدانن جي سياسي چالبازين کان پڻ نفرت ڪندڙ آھن.

مان امر جليل کي جيترو گھڻو پڙھيو آھي، اوترو مٿس لکڻ کان قاصر پيو ٿيندو وڃان. مونکي سمجھه ۾ نه ايندو آھي ته سندس ڪھڙي موضوع تي لکان ۽ ڪيئن لکان. امر جليل جي باري ۾ جڏھن به لکڻ شروع ڪيو آھي، ھميشه منھنجو قلم رڪجي ويندو آھي. پر اڄ ھمت ڪري، دل ٻڌي ٿورو لکڻ جو ڪوشش ڪئي اٿم. ھونءَ به پسنديده شخص جي باري ۾ لکڻ لاءِ لفظ ساٿ نه ڏيندا آھن. ڪرڪيٽ ۾ ويرات ڪوهلي، فلم انڊسٽري ۾ شاهه رخ خان ۽ ادب ۾ منٽو ۽ امر جليل؛ ھي اھي ماڻھو آھن، جن تي مان کُلي ڪري، مڪمل نموني سان دل جو اظھار نه ڪري سگھندو آھيان. مان سمجھندو آھيان، ته مان لکڻ وقت انھن جي شخصيت سان انصاف نه ڪري سگھندس، انھن جي معيار جو حق ادا نه ڪري سگھندس.

اڄ انھن چند پسنديده انسانن منجھان، امر جليل جي جنم ڏينهن جي موقعي تي لکڻي ذريعي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون، شال امر جليل وڏي ڄمار ماڻي، پر آخر ۾ کائنس اھا التجا آھي ته پنھنجي پڙھندڙن لاءِ ۽ ساڻس عشق ڪندڙن لاءِ زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين لکندو رھي. نه ته اسين ان حالت ۾ مبتلا ٿي وينداسين، جيئن ھڪ نشئي ۽ موالي وقت تي نشو پتو نه ملڻ سبب ٿي پوندو آھي ۽ پوءِ ھُو تڙپندو رھندو آھي. سندس ڪھاڻيون ۽ ڪتابَ منھنجي لاءِ ھڪ قسم جو نشو بڻجي چڪا آھن. جنھن ڏينھن کين نه پڙھان ته منھنجو ڏينھن بيقراريءَ ۾ گذرندو آھي. .. (فيس بوڪ تان ورتل)