ادب جو افق ۽ تاريخ جو تجزيو

0
16
ادب جو افق ۽ تاريخ جو تجزيو

علم ۽ ترقي جي ذريعن ۽ اوزارن ۾ تاريخ جو تجزيو، يعني تعصباڻي لکت مان تنقيد ۽ تحقيق وسيلي سچ کي ولوڙي ڪڍڻ، ھڪ اھم ترين اوزار آھي. تاريخ جو تجزيو اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪرڻ ۽ انھن کي حال توڙي مستقبل ۾ نه دھرائڻ جھڙن روين وسيلي سماج جي اصلاح ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. مير حاجن مير ھڪ پاسي سيوھڻ جي مٽيءَ جي مٺڙي خمير مان نھايت ٿوري عرصي اندر ھڪ اھڙو جاکوڙي نوجوان شاعر، تاريخدان ۽ محقق بڻجي اڀريو آھي، جنھن سيوھڻ ۽ ان جي آسپاس جي تاريخي ماڳن مڪانن ۽ شخصيتن تي وڌ ۾ وڌ تحقيقي ڪم ڪيو آھي. ھن تاريخ جي دز ۾ دزيل، لڪل ۽ لٻيل سچ کي تحقيق جي مانڌاڻي سان ولوڙي، تدبر ۽ منطق جي ڇاڻيءَ سان ڇاڻي، مکڻ جھڙن ڪيترن ئي تحقيقي فن پارن جا املھ موتي سنڌي ادب جي جھوليءَ ۾ وڌا آھن… ته ٻئي پاسي وري ھن پنھنجي توانائي علم ۽ ادب سان چاھ رکندڙن جي جيئري قدرداني ڪرڻ جي روايت قائم ڪئي آھي، يا بنا ڪنھن شڪ جي ايئن کڻي چئجي ته نئين سر جياريو آھي، ڇو ته عام طرح سان اسان بحيثيت ھڪ قوم ماضيءَ ۾ جيئندڙ ۽ مرده پرست قوم آهيون. لک شابسون ۽ جس لهڻي مير حاجن مير جنھن ھن ناڪاري روايت کي ٽوڙيو آھي ۽ پنھنجي جنم ڀومي يعني سيوھڻ ڄاون سڄاڻ ۽ کاھوڙِي اديبن جي فن ۽ شخصيت بابت ٽڙيل پکڙيل ليک گڏ ڪري، انھن تي تجزيو ۽ تبصرو ڪري ۽ ڪرائي انھن کي خوبصورت ترتيب ڏئي سندن علمي، ادبي، فني ۽ شخصيتي سفرن بابت خوبصورت ڪتاب مرتب ڪري سندن حياتيءَ ۾ املھ ادبي ڀيٽائون پيش ڪيون آھن

مير حاجن مير- ڊاڪٽر عابد مظھر، پرواني سيوھاڻي ۽ يوسف سنڌي کي اڳ ئي ڀيٽائون ڏئي چڪو آھي ۽ ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر محمود مغل پڻ اھو خوشنصيب جاکوڙي اديب ۽ گھڻ رخي شخص آھي، جنھن کي مير حاجن مير جنم ڏينھن جي موقعي تي سندس علمي، ادبي ۽ نشرياتي خدمتن عيوض ھڪ ڪتاب “محمود مغل: فن ۽ شخصيت” جي صورت ۾ املھ ڀيٽا پيش ڪئي آھي، ھي سندس ادبي پيار جو يارھون پورھيو آھي

مير حاجن سنڌي ادب ۾ ايم فل ڪيو آھي ۽ تازو ئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سنڌي سبجيڪٽ ۾ ليڪچراري جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر جو آفر آڊر پڻ وصول ڪيو آھي.  مير حاجن جو 416 صفحن تي مشتمل ھي ڪتاب سوچ پبليڪيشن سيوھڻ طرفان نومبر 2024 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آھي. سوانح حيات سان لاڳاپيل ھن ضخيم ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمود مغل جي شخصيت، فن ۽ ادبي توڙي ريڊيو/ٽي وي جي نشرياتي پورھئي بابت مرتب ڪندڙ 26 نامور ليکڪن ۽ ليکڪائن جا رايا ۽ تبصرا شامل ڪيا آھن. جڏھن ته ڊاڪٽر محمود مغل جي لکيل 8 ڪتابن يا انھن ۾ شامل ڪھاڻين بابت 38 مختلف تجزئي نگارن جا ھن وقت تائين ڇپيل اڀياس ۽ جائزا شامل آھن. ان کان سواءِ ھن ۾ 100 صفحن تي سندس نشرياتي پورھئي جو احوال پڻ قلمبند ڪيل آھيمير حاجن مير جي ھن ڪتاب سيوھڻ ڄائي ھڪ خوبصورت، جاکوڙي ۽ فقير منش عظيم اديب، ڪمپيئر، ڊراما نويس، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار جي اڌ صدي جي علمي، ادبي ۽ نشرياتي سفر کي اھڙي ته ناياب حسناڪي سان قلمبند ڪيو آھي، جو ان کي پڙھڻ کان پوءِ ھر اديب کي ان تي رشڪ ايندو! ڳوڙھي مھاڳ ۽ ٻه اکر  سميت فقير محمد ڍول جي جامع جي ابتدائي خاڪي “ڄاڻ سڃاڻ” کان ڀيٽا وصول ڪندڙ جي اختتامي ليک “حرف آخر” تائين مير حاجن مير محمود مغل جي اڌ صدي تائين مشتمل شخصيت، سندس ادبي ۽ نشرياتي پورھئي ۽ عشق کي ھڪ خوبصورت ۽ سدا حيات ادبي گلدستي جي صورت ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي! ھن موقعي تي آئون مير حاجن مير ۽ ڊاڪٽر محمود مغل کي اڻ ڳڻيون واڌايون پيش ڪريان ٿو! سوانح حيات ۽ آتم ڪٿا سان دلچسپي رکندڙ قارئين ھي خوبصورت ڪتاب ھڪ دفعو ضرور نظر مان ڪڍن.