ادب جو ادب !

0
33
ادب جو ادب !

 دنيا ۾ کوڙ شيون موجود آھن، کوڙ شيون دريافتن ھيٺ آھن ۽ روز معمول تي نت نيون شيون هر قسم جي بازار جي حسن جو سبب ماڻن ٿيون. گهڻيون شيون مقبوليت جي شان ۽ مان کي پهچي وڃن ٿيون. گهڻا قصا ۽ ڪهاڻيون حقيقت جو روپ اختيار ڪن ٿيون! ٿورڙيون شيون اهڙيون به رهجي وينديون آھن، جيڪي ڪنهن ڪم جي دائري کان ٻاهر وڌيڪ ۽ ننڌڻڪيون وڏي درجي جون بنجي وڃن ٿيون! ۽ ڪو اهڙو وقت نروار ٿي انهن شين کي هيري تي مٽي جي لاهڻ جهڙو عمل سرانجام ڏئي انهن کي لازوال بڻائي ڇڏيندو آھي. اهڙا زنده مثال گهٽ آھن! انهن مسمار ٿيل حالتن شين، علمن، عملن، شعوري منظرن ۽ عقلي روشنين کي وقت ۽ دور ضرور زنده ڪري جرڪائيندو اميدون ھميشه مثبت هجن ته هر ڪم آسان ٿيو وڃن ٿا.

                 دنيا ۾ موجود سمورن علمن، عملن، منظرن، مظهرن، شاهڪارن، تجربن، تحقيقن مشاهدن جدوجهدن مستقل مزاجن، تبديلين سميت ادب به سماج جي بيهڪ ۽ ان جي جسم کي فطرتي روانيون ۽ تبديليون وقت ۽ حالتن انساني جسم جيان ڪيترو سڌو ڪيو آھي يا ٿيڻو آھي اهو طئي ڪرڻ ڏُکيو آھي پر ايترو چئي سگهجي ٿو ته ادب دنيا جي گهڻن مسئلن کي حل ته ڪيو آھي الائجي نه پر ڪنهن حد تائين انهن جي حل ۽ عمل بابت ابتدائي ڪوششون ڪمال ڪري ڪجھه روشنيون ضرور ڏنيون آھن.

چيو وڃي ٿو ته “ادب براءِ ادب” مان ڦٽي نڪتل معصوم فڪري ڪلي، علم يا عمل هڪ ڏينهن شاهڪار سرکنڊ وڻ ٿيندو آھي! هن ڳالھه جو مُقصد هتي ڳولڻ اوکو ضرور آھي پر دنيا جي ٻين سڌريل قومن ۽ ملڪن ۾ ادب جي ادب جا کوڙ زنده عمل ۽ مثال ڏئي سگهجن ٿا.

رابرٽ مارٽن ايڊمس چيو ته “ادب پنهنجي فطرت سان، ڪالهه جي مفروضن ۽ اڄ جي سوچن بابت سوال ڪرڻ جو پابند آهي”.

مارٽن سان ٿوري دير لاءِ سهمت ٿي سگهجي ٿو يا نه! پر ادب جي ادب جون پابنديون هرگز نه هئڻ گھرجن. ادب جون پابنديون زنجيرن مثل هونديون آھن! ادب جو ادب يعني سماجي فڪر جيڪڏھن قيد ٿئي ته باقي بچي ڇا ٿو؟ ڊاڪٽر وليم جيمس ول ڊيورانٽ سچ چوڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آھي يا نه اهو فيصلو ڪرڻ ضروري ڪونهي! هن چيو ته جيستائين علم رهبري نٿو ڪري، تيستائين هجوم ۾ ڪو به نظم پيدا نٿو ٿي سگهي.

فڪر سان سلهاڙيل رهبريون ئي عظيم چئبيون جيڪي پنهنجي حالتن سان ٻک پائي ڀڪوڙيل هونديون آھن. انهي ۾ ادب ۽ ان جي ڪارج جو پتو پئي ٿو.

جڳ مشهور فلاسفر افلاطون (427-437 ق-م) ادب جو سماجي ڪارج بيان ڪندي چيو ته “ادب اهو آهي، جنهن مان اخلاق ۽ صداقت جي واڌ ويجهه ٿئي”. لوڪ ڪهاڻين تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته جانورن، پکين ۽ ديون جي ڪهاڻين کان وٺي بادشاهن، راڻين، پرين، شهزادين، سورمن وغيره جي عشقيه داستانن مان ڪو نه ڪو اخلاقي درس ملي ٿو. چڱي ۽ بري جي تميز، چڱائيءَ جي سوڀ، مقصد ماڻڻ لاءِ انساني جاکوڙ، تڪليفون، ڏک ڏاکڙا، مظلوم جي داد رسي، ظالم سان جنگ، اهي سڀ ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته اوائلي ادب جا تخليقڪار پنهنجي ماحول تي نظر رکندا هئا. اڳتي هلي چيو ويو ته “ادب زندگيءَ جو عڪس” آهي.

افلاطون پنهنجي دور جو ڏاهو چيو وڃي ٿو. هن جون علمي خدمتون سموري ادبي تاريخ تي تاج مثل پاتل آھن. هو پاڻ ادب جي ادب جو ڪمال ماڻھو چيو وڃي ٿو. جنهن پنهنجي سماج کي جيئن جو تيئن قبولڻ کان پرهيز ڪري هڪ صحتمند معاشري جي جستجو ڪندو رهيو.

شڪسپيئر جي هڪ ڊرامي ۾ “لوٿر جو ڪردار هڪ ليکڪ جو هوندو آھي، هُو غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ ھجي ٿو. هن جو ڪم صرف لکڻ ۽ پڙھڻ هوندو هو! هڪ ڏينهن هن کي ويجهو ٿي سندس والده پڇڻ لڳي ته پٽ تون صفا ڪمري کان ٻاهر ئي نه ٿو نڪرين هن راڄ ۽ ڀاڳ کي ڪير منهن ڏيندو؟ تنهنجو والد هاڻي پوڙھو ٿي چڪو آھي. تون ڪمائيندي ته گهر جي چلھه ۽ راڄ ڀاڳ کي منهن ڏيکارڻ جهڙو ٿيندين نه! لوٿر ڪتابن ۾ غرق هو هي پنهنجي والده جي ڪا به ڳالهھ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هو. نيٺ هن جي والده ڳوٺ وارن کي چيو ته لوٿر ڏينهون ڏينهن ڪمري ۾ ڪتابن سان غرق ٿيندو پيو وڃي، هن کي توهان نيڪ صلاحون ڏئي سمجهايو. لوٿر جي حالت ڏسي سڀ ڪنهن اهو پئي چيو ته هي چريو ٿي چڪو آھي! سندس والده مورڳو پريشان. شڪسپيئر لکي ٿو ته هڪ ڏينهن هن کي سندس والد چيو پٽ هي ڪتاب تنهنجو پيٽ ڀري سگهن ٿا اسان جو هرگز نه. هي ڪتاب تنهنجي لاءِ سڀڪجھه آھن اسان لاءِ ڪورا ڪاغذ! اسان لاءِ هي تنهنجا ڪتاب بيجان شين مثل آھن، اهي انسان کي تڏھن جاندار بڻائي سگهندا جڏھن تون لوٿر هن راڄ ڀاڳ ۽ سماج سان گڏ بيهندين. سماج سان گڏ تون تڏھن بيهي سگهين ٿو جڏھن تو وٽ نوڪري ۽ روزگار هجي! هن جو والد اهو چئي روانو ٿي ويو. رات ٿي لوٿر کي سندس والد پاران ڪيل نصيحت باربار سوچ ويچار ڪرڻ تي مجبور ڪيو. انهي ڊرامي جي اختتام ۾ لوٿر هڪ دوست اديب وٽ وڃي ٿو ته هن جو گهر ڏسي ھي پريشان ٿي وڃي ٿو! اتي ماڻھن جي اچ وڃ ڏسي ويتر اندر مان پختو ٿي محسوس ڪيو ته بابا جي ڳالهھ ۾ وزن آھي! لوٿر پنهنجي دوست سان ڪچهري ڪري سڀ قصو ٻڌايو ته هن جو دوست هن جي حالت ۽ عمل تي تعجب جي نگاھه سان ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ چيائين ته “ ادب رڳو پڙھڻ يا لکڻ ڪونهي! ادب سماج سان ڪلهو ڪلهي ۾ بيهڻ به آھي ته هر حالت ۾ گڏ هلڻ به آھي. ادب ۾ ترجيحات انفراديت کان وڌيڪ اجتماعيت کي هونديون آھن! ادب بند ڪمري ۾ ۽ گهٽ ٻوسٽ ۾ رهي ئي نه ٿو سگهي. ادب فڪري روپ تڏھن وٺندو آھي جڏھن هو عملي طور ذاتي طور تي هر عمل جي ميدان ۾ اڳڀرو هجي. ادب سماج ۾ ٿيندڙ هر انياءَ ۽ ظلم خلاف سچ ڳالهائڻ سيکاري ٿو. لوٿر تون هڪ سٺو پڙھڻ وارو آھين پر ادب جو ادب اهو هرگز ناهي جنهن عملن مان تون گذرين پيو“..!شيڪسپيئر جو اهو لوٿر هر هنڌ ملي سگهي ٿو. انهي کي ڳولڻ ڏُکيو بلڪل ئي ڪونهي پر هن جي دوست جهڙو باقاعده آدرشي اديب ڳولڻ ڏُکيو آھي. جيڪو سچ کي ضمير ۽ ڪوڙ کي موت سمجهندو هجي. جيڪو سچ کي زنده ۽ ڪوڙ کي ناس سمجهي.

ادب جو ادب پنهنجي جوهر ۾ نئون ڪونهي نه ئي اڻ ڏٺو آھي پر انهن شين تي سوچ ويچار ڪبو ته ماڻھو کي ذاتي مفاد ياد اچيو وڃن! جڏھن مفاد ذات تي چڙھي نڪ تي اچي وڃي ته سمجهو ادب جي ادب جو لاش نڪريو وڃي ٿو.

هتي ادب جي ادب سان وڏا مسئلا درپيش آھن. چيو وڃي ٿو ۽ اها ڳالھه عام فهم آھي ته ادب جي ادب جا سمورا لقاءَ تبديل ڪيا ويا آھن! ادب جو ادب اهو به آھي ته اوهان پنهنجي دوست جي لکيل ڪتاب تي رڳو واه واه جا ڦوهارا لڳائيندو! هن تي زهريلو اکر ڪو به نه ڳالهائيندو جي ڳالهائيندو ته دوستي جي ڀرم جو نقصان ٿيندو! ادب جو ادب اهڙو ته هرگز نه ٿو ٿي سگهي ته اوهان دوست جي خوشي خاطر ادب جو سينو تکي ڇُري سان چيري وجهو! ادب جو ادب اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اوهان آدرش، سچ زنده ضمير کان پاسيرو ٿي وڃو. ادب جو ادب اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اوهان پنهنجي ذاتي مفاد خاطر پنهنجي سماج ۽ سماج ۾ ٿيندڙ هر مسئلي ۽ انياءَ تي وحشت جي گهاٽي چادر ڏيو! ادب جو ادب اهو ته هرگز نه ٿو ٿي سگهي پر چيو وڃي ٿو ته هتي هر قافيو ۽ رديف ڪنهن مقامي شاعر وٽ گروي رکيل هوندو آھي! هو جيئن وڻي تيئن انهي جي بغير ڪنهن استعمال جي غزل گيت وايون لکي واه واه جو داد حاصل ڪري سگهي ٿو!

ادب جو ادب قائم رکڻ عظيم به نه پر شاهڪار ادبي ۽ سچائي جو مينار به آھي. جيئن ول ڊيورانٽ چيو ته سڪندر جي ڀرپور ۽ وحشي فتحن کان، ارسطوءَ جي عقلي ۽ ذهني فتح بهتر هئي.

سچ کي جيڪا جيت آھي سو ته ڪمال ئي چئبي. جيڪا ادب جي ادب بابت خاموشي آھي ان تي شوپنهار چيو ته “ عقل جي بلند جي معيار تي هجڻ به انسان کي غير سماجي ٺاهي ٿو سگهي!”. شوپنهار ٻن سٽن ۾ سچ ۾ ڪيترو ساهه وڌو آھي اهو فيصلو ڪرڻ لازمي به آھي ۽ نه به. لازمي ان لاءِ ته سچ جيترو وڌيڪ ڳالهائبو ڪوڙ ايتري گهڻي عزت وٺندو. شوپنهار جو غير سماجي انسان ئي ادب جي ادب جو منفي پاسو ۽ نقصان ڏيندڙ عنصر آھي.

البيرٽ ڪاميو کان پڇيو ته تنهنجين لکڻين ۾ طبيعتن نرم مزاج نه ٿو لڳين؟ ڪاميو ٿوري دير جي خاموشي بعد وراڻيو ته“منهنجو ڪم هر ماڻھو کي خوش ڪرڻ ڪونهي نه ئي ادب جو ادب اهو آھي ته اوهان ڪوڙ کي سچ ڪري پيش ڪيو! ادب جو ادب اهو آھي ته اوهان سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ان جي بهتري لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهو علمي ۽ عملي ٻنهي طريقن سان. صرف علمي هجڻ به ادب جو ادب ڪونهي ۽ صرف عملي هجڻ به ادب جو ادب ڪونهي. ادب جو ادب اهو آھي ته اوهان ٻنهي شڪلن ۾ هڪجهڙا هجو.“

ڪاميو جي هن خيال سان سهمت ٿيڻ ضروري به ڪونهي! ڇاڪاڻ جو ادب جي ادب سان مثبت رويو رکڻ وارا اڃان اقليت ۾ آھن! اهو وقت ۽ دور طئي ڪندو ڪير ڪيترو ۽ ڪنهن سان بيٺو.

اها ڳالھه هاڻي عام فهم بنجي وئي آھي ته ادب ماڻھن کي خوش ڪرڻ جو نالو آھي. ادب پئسا ڪمائڻ جو هڪ اوزار آھي! يا ادب ذاتي مسئلن کي ترجيح ڏئي سماج کي غرق ڪرڻ جو حل آھي. ادب انهن ماڻھن کي خوش ڪري سگهي ٿو جيڪي لڙڪن سان لبريز هجن! ادب انهن مسئلن جو حل آھي جيڪي اجتماعيت جي هار ۾ ڦاٿل هجن. ادب انفرادي طور سوچڻ ۽ لوچڻ جو نالو يا عمل نه پر ادب اجتماعي طور ۽ فڪري طرح رقص ڪرڻ جو هڪ ڪمال جسم آھي. جيڪو ڪڏھن ساڻو نه ٿو ٿئي، جيئن جو تئين پنهنجي سماج کي ترقي، سڌاري، شعوري ۽ عقلي روشني ڏيڻ ۾ مثبت دڳ جو  هڪ شاهڪار علمي عملي، سماجي، ثقافتي ۽ اجتماعي طريقي جو هڪ ڪمال گروھه آھي. جيڪو انساني سماج کي سونهون بنائڻ ۾ رڌُل رهي ٿو! پر ادب جي ادب کي برقرار رکڻ ۾ هر باشعور علمي ۽ ادبي ماڻھو تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هن وٽ ادب جي ادب بابت آدرش ڪهڙي معيار جا آھن. “ادبي ماڻھو کوڙ آھن پر ادب جي ادب تي عمل ڪرڻ وارا تمام ٿورا آھن”.

[email protected]