“ادبي هچائون” ۽ نئين نسل جي رهنمائي وارو سوال

0
151
“ادبي هچائون” ۽ نئين نسل جي رهنمائي وارو سوال

 گذريل ڪجھ مھينن دوران منھنجو اڪثر سنڌ جي مختلف شهرن جي ادبي پروگرامن ۾ وڃڻ ٿيندو رھيو آھي. جڏھن به علمي ادبي پروگرامن ۾ وڃڻ ٿئي ٿو ته اتي ڪيترن ئي نوجوانن سان مکا ميلو پڻ ٿيندو رھيو آھي. انھن پروگرامن ۽ رسمي، غير رسمي ڪچھرين ۾ مختلف  موضوعن تي نوجوانن ۾ بحث پڻ ٿيندا رھيا آھن. انھن ڪچھرين ۾ نوجوانن اهي شڪايتون پڻ ڪندا رھيا ته سنڌ جي ادبي لڏي ۾ گروهه بندي ۽ جيتري منافقي آهي، ايتري منافقي ڪٿي به نه آهي. انهن نوجوانن جو اھو چوڻ به آھي ته سنڌ جي ادبي ڪلچر ۾ جيڪي منفي لاڙا متعارف ٿي رهيا آهن، انهن لاڙن نئين نسل کي ڪڏهن اڀرڻ ناهي ڏنو. نوجوانن جي چوڻ موجب ته سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ادبي گروهه بنديون موجود آهن ۽ اديبن شاعرن ۾ ادبي ڄنڊا پٽ هميشه سنڌ جي ادب کي نقصان پھچايو آھي. انھن نوجوانن اھو پڻ چيو ته ادبي ڪچهرين ۾ جتي سگھارا بحث ٿيڻ گھرجن ۽ نوجوانن کي ھمٿايو وڃي ھا، اتي هاڻي نوجوانن تي ڇسيون تنقيدون ٿين ٿيون، عجيب قسمن جون مشڪريون ٿين ٿيون، ڪوبه سينيئر اديب شاعر ڪنهن نوجوان کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اديب شاعر هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ مصروف آهن. ادبي مشاعرن ۾ نوجوانن تان عجيب قسم جون ٺٺوليون ٿين ٿيون ۽ انهن تي هوٽنگ ڪئي وڃي ٿي. نوجوانن کي ھر پروگرام ۾ نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اهي نوجوان اهو پڻ چون ٿا ته سينيئر دوست (اديب شاعر) اسان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته سينيئر دوستن جي اھڙي قسم جي رويي کي ڪھڙو  نانءُ ڏجي؟ انھن نوجوانن جو  اھو پڻ چوڻ آھي ته گذريل ٽيهن سالن ۾ ادبي ميلن، مذاڪرن ۾ اھي ساڳيا چھرا ساڳيا، شاعر ساڳيا اديب، جن جون رٽيل سٽيل ڳالھيون ٻڌي ھاڻي اسان کي پنھنجي پاڻ تي رحم ٿو اچي. ٽيهن سالن کان اھي ساڳيا ماڻھو اسٽيجن تي براجمان آھن. ڪجھ اديبن جي اسٽيج ڪمزوري ھوندو آھي ته ڪي وري پروٽوڪول جا قائل، ته ڪي وري انا جي خول مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ تيار ناھن. حقيقت ۾ جڏھن انھن نوجوانن جي ڳالھين کي ٻڌجي ٿو ته انھن جي شڪايتن کان ڪنھن به ريت انڪار نٿو ڪري سگھجي.

پسند، ناپسند ڪلچر ۽ ادبي منافقي جي اهڙي قسم جا رجحان هر دور جو حصو رهيا آهن، گذريل ھڪ سال ۾ جيڪي مون ادبي پروگرام ۽ لٽريچر فيسٽيول ڏٺا ٻڌا آھن، انھن ۾ نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ وارو عنصر پڻ نظر آيو. ھر سرڪاري پروگرام ۾ اھي ساڳيا چھرا نظر ايندا رھيا آھن. انھن اديبن، دانشورن کي اڄ جو نوجوان ھاڻ ٻڌڻ به پسند نٿو ڪري. ھر نوجوان پبھنجي جاءِ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ان کي اھا گھربل اهميت نٿي ڏني وڃي. انھيءَ نوجوان کي نظرانداز ڪرڻ جا مختلف طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا. جيڪو ڪنھن سان نٿو ٺھي ته ان کي ھر حوالي سان رسوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ذاتيات کان وٺي ڇسيون تنقيدون ڪرڻ، ھر ادبي پروگرام ۾ انھيءَ کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ٻين مختلف طريقن  سان انھيءَ جي رستا روڪ ڪرڻ ۾ وسان نٿو گھٽايو وڃي. ھاڻي ته سوشل ميڊيا جو دور آھي، انھيءَ ڪري انھن نوجوانن کي ادبي اختلافن جي عيوض ذاتي دشمنيون ڀوڳڻيون پيون. اسان جو نوجوان جيتوڻيڪ ھن ڊجيٽل دنيا جو حصو بڻجي چڪو آھي. اھو نوجوان ادبي ميدان ۾ جديد دور جي تقاضائن موجب سوچي ۽ لوچي ٿو پر ھي “ادبي ھچائون” انھن نوجوانن کي اڳتي وڌڻ نٿيون ڏين.

فيبروري ۽ مارچ مھينن ۾ مختلف ادبي فيسٽيول ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويا ھئا. جيتوڻيڪ ادبي فيسٽيول منعقد ڪرڻ بھتر عمل آھي پر عمومن اسان ڏٺوسين ته انھن ميلن ۾ 70 سيڪڙو اھي ساڳيا چھرا نظر آيا. ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته ايندڙ ڏينھن ۾ انھن ميلن جي  ويهڪن ۾ سنڌ جي نئين ٽهيءَ کي ڪيتري اهميت ڏني ويندي! نامياري ليکڪه نورالھدى شاھ مختلف پروگرامن ۾ھميشه اھا ڳالھ ڪندي رھي آھي ته نوجوانن لاءِ ڪرسيون خالي ڪريو ۽ کين اهميت ڏيو. جيتوڻيڪ موجوده دور ۾ ادبي منافقي واري رجحان کي ڪڏهن به حقي واجبي قرار ڏئي نٿو سگهجي پر انهيءَ جمود کي ٽوڙڻ لاءِ سينيئر ۽ جونيئر پيڙهين کي پنهنجي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي اهو ڏسڻو پوندو ته هو ادب ۽ تخليق جي قدرن سان ڪيتري قدر مخلص آهن! جيتوڻيڪ سموري سنڌ جي شهرن ۾ هن ادبي منافقي جو ڪلچر عام جام آهي ۽ نوجوانن جون شڪايتون به جائز آهن. جيڪڏهن سنڌ جي ادبي ڪلچر ۾ هن قسم جون منافقيون عروج تي هجن، ٺهڻ نه ٺهڻ وارو ڪلچر عام جام هجي، گروهه بنديون موجود هجن ته پڪ سمجهو اهڙي ڪلچر ۾ نئون نسل اڀري نه سگھندو. اچو ته اهڙن شاعرن، ليکڪن ۽ اديبن جي رستا روڪ ڪريون، جيڪي ادبي ڪلچر لاءِ ناسور بڻيل آهن. ٿورو سوچڻ جي ضرورت آھي ته اھڙي قسم جا منفي لاڙا اڳتي ھلي نئين نسل جي لاءِ نھايت خراب اثر وجھند.ا جيڪڏھن اسان نئين نسل کي اڳتي اڀارڻ چاھيون ٿا ته انھن لاءِ نوان گس ۽ پيچرا ڳولڻا پوندا ۽ نئين نسل جي رھنمائي ڪرڻي پوندي.