حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي، جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙي، عورت جوائنٽ سيڪريٽري فائزه ايوب ۽ پريس ترجمان رمضان ميمڻ ضلعي رابطا سيڪريٽرين ۽ شاخن جي سيڪريٽرين کي ھدايت ڪئي آھي ته سنڌ جي برک اديب، دانشور ۽ مفڪر محمد ابراھيم جويي جي ڇھين ورسي 9 نومبر 2023ع تي عقيدت ۽ احترام سان ملھائڻ لاءِ گڏجاڻيون ڪيون وڃن. هنن چيو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻولي، ادب ۽ قوم لاءِ ڪيل خدمتن ۽ سندس ڪتابن ۾ موجود فڪر تي روشني وڌي وڃي. تاج جويي اھو به چيو ته سنڌ سنگت مرڪز پاران 9 نومبر 2023ع تي محمد ابراھيم جويي جي ورسي جي مناسبت سان شام ڌاري بيسنت ھال حيدرآباد ۾ اي ايف ٽي جي سھڪار سان تقريب منعقد ڪئي ويندي جنھن ۾ سنڌ جا ناميارا اديب ابراهيم جويو جي فن ۽ فڪر تي روشني وجھندا.