ڄام شورو (رپورٽر) سنڌ جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ طرفان ”سُگهڙ ڪچهري“ ڪرائي وئي جنهن ۾ سڄي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان سگهڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڏور، بيت، ڳجهارتون، پروليون ۽ ٻيون صنفون پيش ڪري محفل مچائي ڇڏي. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته لوڪ ادب، تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ معاشري جو آئينو هوندو آهي. جڏهن ته سُگهڙ ان جو سفير ۽ تاريخي توڙي ثقافتي ذوق ، فهم ۽ فڪر کان روشناس ڪرائيندو آهي. مخدوم سعيد الزمان عاطف جو چوڻ هو ته سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي قيام کان وٺي لوڪ ادب کي سهيڙڻ، مرتب ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ جي حوالي سان جيڪا سچائي ۽ ڪارنامو ڪيو آهي، اهڙو اعزاز ڪنهن به ٻئي اداري ناهي ڪيو. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ وڌيڪ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ پاران نئون شايع ٿيل ڪتاب ”سُگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري“ لوڪ ادب جي سرجڻهار سُگهڙن جو تفصيلي دستاويز آهي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ موجود سُگهڙن جا تفصيل ۽ تعارف شامل آهن. سگهڙ ڪچهري جي صدارت ڪندي سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ۽ سنڌ حڪومت جي سوشل پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ وڏي وزير جي صلاحڪار سرفراز راڄڙ خطاب ڪندي چيو ته مخدوم سعيد الزمان عاطف جي دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ مسلسل ڪتابن جا ميلا، مشاعرا، ورسيون ۽ سگهڙن جون ڪچهريون ٿينديون رهيون آهن، اڄ جي هي ڪچهري به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، ان موقعي تي بورڊ جي سيڪريٽري ميرزا دبير حسين بيگ، سلات جي باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاري ۽ سگهڙن پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته لوڪ ادب سنڌ جو قديم ادب آهي جنهن جي ترقي ۽ واڌ ويجهه جي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ پنهنجو تاريخي ڪم ڪيو آهي جيڪو وسارڻ جوڳو ناهي. اڄ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ سڄي سنڌ مان سگهڙن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري هڪ اهم قدم کنيو آهي
۽ ”سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري“ نالي نئون ڪتاب شايع ڪرائي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي جنهن سان سگهڙائپ جي فن کي هٿي ملڻ سان گڏوگڏ سگهڙن کي امر ڪري ڇڏيو آهي. سگهڙ ڪچهري ۾ آيل سگهڙ گل حسن گل ملڪ، حاجي اربيلو منگي، پنهل پياسي ٻرڙو، پٺاڻ فقير مهر، عبدالستار مير بحر، ارشاد علي عرضائي ، غلام مصطفيٰ مشتاق ٻرڙو، ممتاز ملوڪ عباسي، روشن علي ڪوري، غلام رسول مڱريو،خليل الرحمان مهيسر، علي گل گاڏهي، محمد قاسم راهمون، عزيز الله مستوئي، علي گل ڀٽي، عجب گل ڀٽي، محمد مريد لاشاري، محبوب علي ڏيپر، غلام رسول سولنگي ، نظير احمد ميمڻ، قاضي بدر الدين، خادم حسين مڱلو، علي اڪبر اداسي چانڊيو، طالب حسين ڀنڀرو، محمد يعقوب جاگيراڻي، محمد جمن ڀٽي، الھڏنو بروهي، علي حسن منٺار فقير شيخ ۽ علي حسن ٽالپر ٻين پنهنجي ڏات جي ڏيهه مان سگهڙائپ جي مختلف صنفن جهڙوڪ ڳجهارتون، ڏٺ، سينگار، ڏهس، هڪ اکري، پروليون، پهاڪا ۽ ٻين صنفن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا. تقريب ۾ بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ کي مڃتا طور شيلڊ ايوارڊ ڏني وئي جڏهن تهسنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايل نون ڪتابن ”سنڌ جي سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري“ جلد پهريون، ”ڊي. جي. ڪاليج ڪراچيءَ جون تعليمي ۽ ادبي سرگرميون“، ”دليل الذاڪرين“، ”لوڪ ڪهانيان“ ۽ ”تصوف“ جو مهورت پڻ ڪيو ويو.