ادب، ثقافت ۽ تاريخ سان محبت ڪندڙ محقق جي ايم سيد

0
102
ادب، ثقافت ۽ تاريخ سان محبت ڪندڙ محقق جي ايم سيد

پيغام لطيف سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت جي ايم سيد جو لکيل ڪتاب آهي، سيد صاحب سياسي رهنما هئڻ سان گڏ هڪ وڏو مفڪر عالم ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ وڏي وٿ قرار ڏنو وڃي ٿو، پاڻ 17 جنوري 1904ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ “سن” ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو، سيد غلام مرتضيٰ شاهه سورهن سالن جي عمر ۾ سياست ۾ پير پاتو، سندن سياسي خدمتن جو تفصيل تمام طويل آهي، هتي سندن ادبي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏجي ٿو، پاڻ سنڌي ادب، ثقافت ۽ سنڌ جي تاريخ سان محبت رکندڙ هڪ وڏو محنتي محقق هو، جنهن ايڏي وڏي سياسي مشغوليءَ واري زندگيءَ ۾ به سنڌي ادب لاءِ ضخيم ڪتاب لکيا. جن ۾ “جنب گذاريم جن سين” (ٻه جلد) “نئين سنڌ لاءِ جدوجهد”، “اڄ پڻ چڪيم چاڪ”، “جيئن ڏٺو آهه مون”، “موجوده سنڌ جا سياسي مسئلا”، “سنڌ ڪلچر” ۽ “پيغام لطيف”، شاهه جون وايون ۽ ڪافيون” ۽ ٻيا ڪتاب آهن، سندن ڪتابن جو سنڌي نثر، عام فهم، اثرائتو ۽ شانائتو آهي، هتي “پيغام لطيف” جو تفصيلي احوال پيش ڪجي ٿو.

                 ”پيغام لطيف” جي ايم سيد صاحب جو، نظر بنديءَ جي چار سالن ۾ لطيفيات جي مطالعي جو نچوڙ آهي، جنهن کي محمد عثمان ڏيپلائيءَ اسلاميه دار الاشاعت مان شايع ڪيو، “سلسلئه انسانيت” جي ڇپائيءَ جي سلسلي جو هي ڇهون نمبر ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب تعارف ۾ هن ڪتاب کي ماکيءَ جهڙو مٺو ۽ هڪ عزم ڪامل شخص جو پيغام ڄاڻايو آهي.پيغام لطيف جي ڪل 12 فصلن ۾ شاهه صاحب جي زندگيءَ جو مختصر احوال، سندن زماني جو ماحول، سنڌ جون سياسي ۽ مذهبي حالتون، شاهه جون پنهنجي دور جي بزرگن سان ملاقاتون ڏنل آهن، سيد صاحب شاهه صاحب کي سنڌ جو قومي شاعر ڄاڻائيندي سندن ڪلام ۾ قوميت جو تخيل ۽ شاهه ۽ ڊاڪٽر اقبال جي نظرين تي هڪ نظر وڌي آهي. سندن موجب شاهه جو پيغام، حب الوطني، پاڻ سڃاڻڻ، بي خوفي، همت، قرباني ۽ ستايلن جي حمايت آهي.شاهه جي سياسي نظرين کي سندن ڪلام مان بيتن جي حوالي سان سمجهائيندي ليکڪ کين جمهوريت جو طرفدار، ڊڪٽيٽر شپ ۽ شاهوڪاري نظام جو مخالف ڪري بيان ڪيو آهي. سيد صاحب اسان کي ڄاڻايو آهي ته شاهه صاحب اسان جو قومي شاعر آهي، انهيءَ لحاظ کان سنڌي قوم تي جوابداري آهي ته هو هيٺين ڇهن (6) نقطن تي عمل ڪن، جن مان 3 نقطا درگاهه شاهه عبداللطيف ۽ ڀٽ جي ڳوٺ جي ترقي ۽ تعمير ۽ وسعت جي باري ۾ آهن ۽ باقي 3 نقطا سندن ڪلام جي مستند نمونن ۽ شرح جي ڇپائي، لطيف چيئر جي قيام ۽ شاهه جي شاعريءَ جي کوجنا جي باري ۾ صلاحون آهن. جن کي سيد صاحب سنڌي قوم تي قرض ۽ فرض ڄاڻايو آهي.

آخري ۾ 75 بيتن جو چونڊو ڏنل آهي، جن کي سيد سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تحت عنوان ڏناآهن.

اوپرا اُٺ؛

اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏٺيئي اٺ،

ڏايئي نه ڏاگهن کي اوڳي ساڻ اڳٺ،

ته هوند نه تنهنجي هٺ، سور پرايا سسئي.

  (غير سنڌي اقتدار)

سمنڊ جا ٻوٽا؛

ايءَ گت غواصن، جئن سمنڊ سوجهيائون،

پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي ڏنائون، هيرو لعل هٿن سين.

(مفڪر ملڪ ۽ قوم)

254 صفحن جي هن ڪتاب ۾ شاهه صاحب جي سوانح جو مختصر احوال ڏنل آهي، ليکڪ موجب کانئن اڳ اهو احوال سانگي، قليچ، ليلا رام وطڻ مل، گربخشاڻي، ڄيٺمل، ڊاڪٽر سورلي، دين محمد وفائي ۽ ڪجهه ٻيا بزرگ ڏئي چڪا آهن. هن ڪتاب جو مقصد صرف ۽ صرف سندس پيغام کي سياسي مقصد ۽ مرادن جي سمجهڻ تحت آهي. انهيءَ لاءِ سيد صاحب سنڌ جي سياسي ۽ مذهبي حالتن جو ذڪر ڪندي سنڌ کان ٻاهر جي سياسي حالتن جا سنڌ تي اثر ڄاڻايا آهن، جن ۾ خاص مغل حڪومت جو ڪمزور ٿيڻ. اڪبر بادشاهه جو دين الاهي قائم ڪرڻ، شاهجان جو ملڪ جي اڏاوت ۽ سينگارڻ تي توجهه ڏيڻ. اورنگزيب جي دور ۾ ملڪ جي سياست جو مذهبي رنگ ۾ رنڱجڻ ۽ مختلف تحريڪن جيئن مهدي تحريڪ، وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي نظرين جا اثرات، اهلِ طريقت جا اثر بيان ڪيا آهن. قادري، چشتي، نقشبندي ۽ سهرووردي طريقن جا سنڌ تي اثر ڄاڻايل آهن، شاهه جي سياسي پيغام کي سمجهائڻ لاءِ سيد صاحب جن بزرگن سان شاهه صاحب جون ملاقاتون ٿيون يا مٿن جن جو اثر ٿيو، انهن جو تفصيلي تعارف ڏنو آهي، تن ۾ شاهه عنايت صوفي شهيد، مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاهه عنايت الله رضوي، مخدوم محمدي کهڙن وارو، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو، صاحبڏنو فقير درازن وارو، مخدوم عبدالرحيم گروهڙي، مدن ڀڳت،  مخدوم بلاول رحه، مخدوم نوح رحه، شاهه عبدالڪريم (سندن پڙ ڏاڏو). سيد شهمير شاهه، مخدوم صابر و لهاري، سيد محمد بقا لڪياري، مخدوم دين محمد سيوهاڻي ۽ ٻيا ذڪر ڪيل آهن.هيٺ سيد صاحب جي ڪتاب مان ڪجهه ٽڪرا ڏجن ٿا ته جيئن موضوع سمجهڻ ۽ پرکڻ ۾
مدد ملي سگهي.“منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي. سندس شعر جي تصوفي ۽ اخلاقي ڪمالات جو بيان ڪرڻ تصوف جي ماهرن ۽ فلسفه جي عالمن لاءِ ڇڏي آئون صرف سندس قومي شاعر جي پهلوءَ کي بيان ڪندس”.“شاهه جي ڪلام مان جا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سان “سنڌ ديس” جي رهاڪن جي اُڪير ۽ محبت آهي. “هن وٽ هندن ۽ مسلمانن جي تميز وطن ۽ قوم جي لحاظ کان ڪابه ڪانه آهي. مسلمانن جي موجوده مصنوعي تفاوتن تي بي اختيار چوي ٿو ته،

“ان پر نه ايمان، جي ڪلمي گو ڪوٺائين”

ته هندوءَ کي مخاطب ٿي چوي ٿو؛

“ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر نه ڪوٺاءِ”

ملن ۽ پنڊتن جي انسان ذات جي وچ ۾ پيدا ڪيل بي معنيٰ فرقن ۽ تفاوتن کي هو حق جي سامهون پردا ۽ حجاب ٿو سمجهي. هو ملڪ جي آزادي خوشحالي ۽ ترقيءَ جو خواهان آهي. تڏهن مارئيءَ جي واتان ڏاڍ خلاف چورائي ٿو ته؛

منهنجي آس اها ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.سنڌين جي خانه جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي ته غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري. (ص-81، 83، 89)ٻي خوبي شاهه صاحب سنڌين ۾ ڏٺي سا هئي ديس واسين ۽ مارن جي پياس. هنن تي وحدت الوجود جو اثر قديم وقت کان مختلف درويشن ذريعي پئي پيو آهي، تنهن ڪري هنن تي اورنگزيبي سياست ۽ مسلمانن جي جداگانه قوميت جي نظريي جو ڪوبه اثر ڪونه پيو. سندن انهيءَ حقيقت کي مارئيءَ جي واتان هيٺين طرح بيان ڪري ٿو.

“الست برکم” جڏهن ڪن پيوم،

 قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم،

تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.

هو سسئيءَ جي واتان سرويچيءَ جا سبق ٿو ڏئي؛

وريتيو ورو! آئون نه ورندي ور ريءَ

شاهه صاحب ديس ۾ انقلاب جي مينهن وسڻ، غلاميءَ جي زنجيرن ٽٽڻ، ترقي ۽ خوشحاليءَ جي گل ڦل ٿيڻ جا خواب ڏٺا آهن، غلاميءَ جي عيد لاءِ حڪمران کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته؛

جا عمر تو مل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا.

“شاهه جي ڪلام ۾ وطن جي معنيٰ “سنڌ ديس” ڪڍڻ بي جا نه ٿيندو. هو ٺلهو راهب نه هو پر سياست ۾ حب الوطني جي نظريي جو حامي ۽ سنڌ جو خاص تخيل رکندڙ هو. (ص90، 100، 101)“هن کي معلوم هو ته سنڌي دنيا جي ٻين قومن جي بنسبت پٺتي پيل هئا، هنن جي سڀ حاصلات بدويانه نموني جي هئي، ليڪن ان جي باوجود هن هر پنهنجي شيءَ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو. کيس معلوم هو ته جيستائين قوم ۾ خودشناسي ۽ خود داري پيدا نه ڪئي ويندي تيستائين منجهن پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت نه پيدا ٿيندي. (ص-102)ڊاڪٽر اقبال ۽ شاهه صاحب جي نظرين تي بحث ڪندي سيد صاحب هڪ نڪتي تي سندن هڪجهڙائي ڏسي آهي، جي ايم صاحب موجب ٻنهي تي رسول عربي، قرآن شريف ۽ مثنوي رومي جي تعليمات جو گهرو اثر آهي، ٻنهي جي سامهون انسان ذات جي ترقي ۽ اصلاح جا مقصد هئا پر ٻنهي انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدا جدا رستا ۽ راهون ڏسيون آهن شاهه صاحب نيشنلزم، جمهوريت ۽ سوشلزم جو حامي ۽ ڊڪٽيٽر شپ ۽ شاهوڪاري نظام جو مخالف هو.لطيفيات ۾ “پيغام لطيف” ڪتاب هڪ خاص موضوع تي خاص انداز سان آهي، پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هن ڪتاب لطيفيات ۾ترقي پسندانه رويي کي جنم ڏنو آهي، پيغام لطيف، کي هن صديءَ جي هڪ وڏي سياستدان، مدبر ۽ ڏاهي جي دل جو آواز ۽ پيغام ڪري شمار ڪرڻ گهرجي. جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه، صاحب، جي ڪلام جو سياسي مفهوم ڄاڻائيندي سنڌي عوام کي حب الوطني، پاڻ سڃاڻڻ، بي خوفي، قرباني ۽ صرف سنڌين جي سنگت ۽ حمايت جا سبق ڏنا آهن، هيءُ ڪتاب ذاتي نظرين ۽ سوچن جي گرد گهمي ٿو، جن کي ليکڪ سنڌ جي مختلف دورن جي سياسي، سماجي، علمي ۽ مذهبي حالتن جي پس منظرن جي حوالي سان چٽو ڪري پيش ڪيو آهي، موضوع مطابق مؤقف کي واضح ڪرڻ لاءِ ليکڪ شاهه جي ڪلام مان بيتن جو انتخاب بر جستو ۽ موقائتو پيش ڪيو آهي، خاص طور سرمارئيءَ جا بيت اثرائتا آهن.ڊاڪٽر فهميده حسين موجب، “جديد تناظر ۾ شاهه صاحب کي پرکڻ وارن ۾ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب پيغام لطيف به اهميت رکي ٿو، هن ڪتاب ذريعي سيد صاحب قومي تحريڪ جي پس منظر ۾ سنڌ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي عوام لاءِ نوان پيغام شاهه جي معرفت ڏيڻ چاهي ٿو”.سيد مظهر جميل هن حوالي سان لکيو آهي ته “جي ايم سيد شاهه جي پيغام کي سمجهائڻ لاءِ موجوده دور ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ مطابقت پيدا ڪندي مارئيءَ جي ڪردار جي ذريعي وطن پرستيءَ جا ويچار ڏيڻ سان سنڌي قوميت جي تحريڪ کي ترقي ڏني آهي”.

حوالا:

فهميده حسين ڊاڪٽر “ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ”، سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي، 1997ع، ص-162.

مظهر جميل سيد، “جديد سنڌي ادب، اڪيڊمي” بازيافت ڪراچي، 2007ع، ص-1079.