سيوھڻ(ن پ ا) سنڌي ٽي وي ڊرامن جو ڊائريڪٽر ۽ سينئر اداڪار منير سيال کي مختلف بيمارين سبب سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ سيوھڻ ۾ داخل ڪيو ويو, ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب اداڪار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿيڻ سبب ڊاڪٽرن پاران کيس طبي چڪاس بعد انسٽيٽيوٽ جي آئي سي يو وارڊ ۾ منتقل ڪيو. رابطو ڪرڻ تي آرٽسٽ ۽ ڊائريڪٽر منير سيال جي پٽ سراج منير سيال ٻڌايو ته سندس والد منير سيال شگر سبب اکين کان محروم ٿي ويو ۽ سندس کي گڙدن ۾ زخم ھجڻ سان گڏ پتو پڻ سڄي وڃڻ سبب منھن ۽ بت ۾ سوڄ ٿي وئي آهي, ھن ثقافت کاتي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته والد جون تمام گھڻيون فني خدمتون آهن ثقافت کاتو منهنجي والد جي سار لھي ۽ سندس علاج ڪرائي.