ٺٽو (رپورٽر) جھرڪ ويجھو ڳوٺ جلال الدين ٻٻر جي رھواسي معذور اداڪار ۽ شاعر جلال الدين ٻٻر مڪلي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي ته ھو 1992ع کان اداڪاري سميت شاعري ڪري رھيو آھي، ھن چيو ته پي ٽي وي سميت اسٽيج ڊرامن سان گڏ ڪافي فلمن ۾ ڪم ڪيو آھي، وٽس ھن وقت 5 کان وڌيڪ شاعري جي ڪتابن جو مواد موجود آھي، پر غربت سبب اھو شاعري وارو مواد ڇپرائي ناھي سگھيو، هن چيو ته 4 مھينا اڳ شگر جي بيماري ۾ وڪوڙجي کاٻي ٽنگ به ڪٽرائي ڇڏي آھي، هاڻ معذوري واري حالت ۾ بستري ڀيڙو ٿي ويو آھيان، علاج جا به پئسا ناھن، هن چيو ته اپيلن باوجود ثقافت کاتي ڪابه سار نه لڌي آهي، هن وس وارن کان اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مالي مدد ڪري سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.