ڪراچي (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا ڪبريٰ خان پنهنجي شادي بابت خبرن جي تصديق ڪري ڇڏي. ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد بابت سوشل ميڊيا تي خبرون وائرل آهن، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوڙي تمام جلد شادي ڪرڻ وارو آهي، پر ان حوالي سان ٻنهي مان ڪنهن به بظابطا تصديق يا ترديد ناهي ڪئي. ڪجهه ڏينهن اڳ گوهر رشيد هڪ وڊيو انسٽاگرام تي شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ ڪيئي مشهور شوبز شخصيتون موجود هيون جڏهن ته اداڪارا ان پوسٽ ۾ “ميري يار ڪي شادي” جو هيش ٽيگ استعمال ڪيو هو. هاڻي هڪ تقريب جي موقعي تي ڪبريٰ خان کان سندش شاديءَ بابت پڇيو ويو، جنهن جي جواب ۾ ڪبريٰ خان تصديق ڪئي ۽ چيوته جي ها! منهنجي فيبروري ۾ شادي ٿي رهي آهي جنهن تي سوال ڪرڻ واري چيو ته انشاءَ الله.