ممبئي(شوبز نيوز) سائوٿ انڊين انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ادڪاره نين ٿارا اها ڀارتي اداڪاره آهي، جيڪا ڪجهه سيڪڊنز جو ڪروڙين رپيا معاوضو وٺندي آهي، ڀارتي ميڊيا موجب نين ٿارا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ٽي وي تي ميزباني سان ڪئي، جنهن تي کيس خوب ساراهيو ويو ۽ اها ڏسندي ئي ڏسندي وڏي پردي تي ظاهر ٿي، هن هندي، تامل ۽ تيلگو جي 75 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن مان ڪجهه فلمون هٽ به ٿيون، ميڊيا رپورٽس موجب نين ٿارا پنهنجي اداڪاري جي شروعات مليالم فلم ماناسيناڪري سان ڪئي، جيڪا باڪس آفيس تي زبردست هٽ ٿي، ان کان سواءِ چندر مکي، گجني ۽ باڊي گارڊ جهڙين ڪيترين هٽ ۽ بلاڪ بسٽر فلمن ۾ اداڪاري ڪئي، رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اداڪاره سيٽلائٽ ڊش ڪنڪشن جي اشتهار لاءِ رڳو 50 سيڪنڊز جي نمائش جا 5 ڪروڙ رپيا ورتا، جڏهن ته مختلف رپورٽس ۾ ان ڳالهه جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اداڪاره فلم جو 10 ڪروڙ رپيا معاوضو وٺندي آهي، ميڊيا رپورٽس موجب اها ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارائن مان هڪ آهي ۽ سندس ڪل ماليت 200 ڪروڙ رپيا آهي، وٽس هڪ نجي جهاز به آهي، جنهن جي قيمت 50 ڪروڙ رپيا آهي.