لاهور (شوبز ينوز) پاڪستاني اداڪاره مريم نفيس تازو ئي پنهنجي هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو دوران پنهنجي پڦي سان اڻوڻندڙ لاڳاپن جو انڪشاف ڪيو، اهو انٽرويو اداڪاره دنانير مبين جي پوڊ ڪاسٽ تي ٿيو، جتي مريم ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون شيئر ڪيون، جڏهن دنانير مريم کان سندس ڏاڏا جي فيملي جي باري ۾ سوال ڪيو ته هن صاف لفظن ۾ چيو ته جيڪڏهن کيس ڏاڏا جي فيملي مان ڪنهن جي گهر نه وڃڻ جي چونڊ ڪرڻي پوي ته اهو پڦي جو گهر هوندو، مريم چيو ته مون کي پڦي کي ناهي ڏسڻو، نه ئي ساڻس ڪو مسئلو حل ڪرڻو آهي، مريم نفيس پنهنجي پڦي کي زهريلو (Toxic) قرار ڏيندي چيو ته اها سندس رويي مان خوش ناهي ۽ ساڻس ڪنهن به تعلق کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت محسوس ناهي ڪندي. هن چيو ته ماڻهن جون پڦيون سٺيون هونديون، پر منهنجي ناهي، اهو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي ۽ مداحن وچ ۾ مختلف راءِ کي جنم ڏئي رهيو آهي.