ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ماھرا شرما ڀارتي فاسٽ بالر محمد سراج سان ڊيٽنگ جي خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب، محمد سراج طرفان ماھرا شرما جون انسٽاگرام پوسٽون لائيڪ ڪرڻ ۽ ٻنهي طرفان هڪ ٻئي کي فالو ڪرڻ کانپوءِ سندن وچ ۾ ويجهڙائن جون خبرون سامهون آيون هيون. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ٻنهي وچ ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان ويجهڙائپ وڌي رهي هئي. هڪ انٽرويو دوران، جڏهن بالر محمد سراج سان سندس رشتي بابت سوال ڪيو ويو ته جنهن جي جواب ۾ ماھرا شرما چيو ته اهڙو ڪجهه ناهي، مان ڪنهن کي به ڊيٽ نه ڪري رهي آهيان. هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته مداح توهان کي ڪنهن سان به جوڙي سگهن ٿا، اسان کين روڪي نٿا سگهون. هن چيو ته فلم انڊسٽريءَ ۾ به منهنجو نالو ساٿي اداڪارن سان جوڙيو ويندو آهي، پر مان اهڙين ڳالهين کي اهميت ناهيان ڏيندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان ماڻهن کي اهو پسند آهي ته ڀلي ڪن، پر حقيقت ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي.