لاهور (شوبز نيوز) ماهرا خان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ پنهنجي ذهني صحت جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته اها ماضي ۾ سخت ڊپريشن جو شڪار رهي آهي، ماهره ٻڌايو ته ان مشڪل وقت ۾ کيس دوستن، گهر ڀاتين ۽ پٽ جي مدد سان گڏوگڏ دوائن ۽ روحاني تسڪين سان تمام گهڻو سهارو مليو ۽ اها زندگي طرف واپس موٽڻ ۾ ڪامياب رهي، ماهرا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڊپريشن يا ٻين ذهني مسئلن مان گذرندڙ ماڻهن کي شرمندگي محسوس ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي حالت جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻ گهرجي ۽ ماهرن سان رجوع ڪرڻ گهرجي، اداڪاره موجب ڊپريشن هڪ بيماري آهي، جنهن جو علاج موجود آهي ۽ ان تي ڳالهه ڪرڻ يا مدد گهرڻ ڪنهن جي ڪمزوري جي علامت نه آهي، اداڪاره چيو ته ڊپريشن هڪ ڪيميائي عدم توازن سبب پيدا ٿيندو آهي، جنهن جي پٺيان مختلف سبب ٿي سگهن ٿا، پر اهو هڪ علاج لائق مسئلو آهي، ماهره ٻڌايو ته سندس مشڪل وقت ۾ دوائن سڀ کان وڌيڪ مدد ڪئي ۽ اها الله جي ويجهو ٿي وئي، ڊپريشن ۾ ڪيئن مبتلا ٿي، ان سوال جي جواب ۾ ماهرا انڪشاف ڪيو ته 2016ع ۾ بالي ووڊ جي فلم رئيس ۾ ڪم ڪرڻ بعد ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد کيس ڊپريشن جو شڪار بڻايو هيو.