ڪراچي/ نوابشاهه (نمائندن وٽان) قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ناليواري اداڪاره شبيران چنا جو ڪراچي جي ڊائو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي، ثقافت کاتي پاران شبيران چنا جي علاج لاءِ سندس ڌيءَ عاليا چنا جي نالي تي  2 لک روپين جو چيڪ جاري ڪري سندس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، انهي کان اڳ  عيد ڏهاڙي ڪراچي کان ھالاڻي ۾ رٿيل شادي ڪاڄ  ۾ شرڪت لاءِ ويندي  ناليواري اداڪاره آپا شبيران چنا، سندس 2 نياڻيون ناديا چنا ۽ عيني چنا قاضي احمد ويجھو روڊ ۾ زخمي ٿي پيون  هيون، کين  نوابشاهه جي ايم يو اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ آندو ويو، جتي ناديا ۽ عيني کي معمولي فريڪچر اچڻ ڪري مرھم پٽي ڪئي وئي، جڏهن ته آپا شبيران چنا کي دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ڪراچي جي ڊائو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، اداڪاره شبيران چنا جي نياڻي ناديا روئندي  ٻڌايو ته مون پاڻ ڊرائيونگ پئي ڪئي، اسان جي اڳيان اڇي الٽو ڪار اوچتو موڙ ڪاٽيو، جنهن کي بچائيندي گاڏي اونڌي ٿي پئي،  جنهن سبب  امڙ کي وڌيڪ زخم رسيا