ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره رمشا خان کي نئين وڊيو ۾ بولڊ لباس پهرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، سوشل ميڊيا تي اداڪاره رمشا خان جي هڪ نئين وڊيو گردش ڪري رهي آهي، جڏهن ته هن ڀيري سڀني دلين تي راڄ ڪندڙ رمشا خان جو مغربي طرز جي لباس ۾ نظر اچڻ سندس مداحن کي پسند ناهي آيو، وڊيو ۾ رمشا خان کي لنڊن ۾ پنهنجي ڪنهن پروجيڪٽ جي شوٽنگ دوران معربي لباس پهريل ڏسي سگهجي ٿو، ان وڊيو شروع ۾ سوشل ميڊيا صارفين کي ڪنفيوز ڪري ڇڏيو، ڇو ته انهن کي لڳو ته اها ڀارتي ادڪاره انوشڪا شرما آهي، ڇو ته رمشان خان جي شڪل انوشڪا سان ملي ٿي، پر جڏهن تصديق ٿي ته اها رمشا خان آهي، ته مداح حيران ٿي ويا، ڇو ته ان کان اڳ اها اهڙي انداز ۾ ڪڏهن به نظر ناهي آئي، سندس ان نئين بولڊ انداز تي مداحن طرفان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ مداحن جو چوڻ آهي ته رمشا خان کي ان روپ ۾ ڏسڻ جي اميد نه هئي.