ممبئي( شوبز نيوز ) ڀارتي ٽيليويزن جي مشهور اداڪارا حنا خان قومي آل رائونڊر شاداب خان جي مخالف ٽيم ڀارت جي ڪرڪيٽر هادِڪ پانڊيا جي جوتي جي ڪُهي ٻڌڻ واري معاملي تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪ – ڀارت مقابلي دوران قومي ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان اسپورٽس مين اسپرٽ جو مثال قائم ڪيو.
ميچ ۾ ڀارت جي اننگز دوران هارديڪ پانڊيا کي جوتي جي ڪَهي ٻڌڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته گلوز سبب کيس ڏکيائي پيش آئي.
ان موقعي تي شاداب خان سندس پريشاني کي سمجهيو ۽ مدد لاءِ وٽس اچي ويو. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ پاڪستاني آل رائونڊر جي اسپورٽس مين اسپرٽ کي ساراهيو ويو هو.
ان سلسلي ۾ حنا خان به انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪيئ ۽ شاداب کي
ساراهيو.حنا اِها تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته رحمدلي ۾ شرافت هوندي آهي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته اوهان ڪيترا ماڊرن، باصلاحيت، تعليم يافته، امير، غريب، اوهان جو ڪهڙي مذهب سان تعلق آهي، اوهان جو مُلڪ ڪهڙو آهي يا اوهان ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا آهيو.
ڀارتي اداڪارا لکيو ته اوهان ماڻهن ڪهڙو رويو اختيار ڪيو ٿا، ان ذريعي اوهان جي ڪردار جو پتو پوندو آهي، ان سان گڏ حنا خان مداحن کي رحمدلي سان پيش اچڻ جي صلاح ڏني