دبئي (شوبز نيوز) اداڪارا نيلم منير جي شادي ۽ سندس مڙس جي عرب لباس سبب اهو سمجهيو پيو وڃي ته هو اماراتي شهري آهن ڇو ته هو اماراتي پوليس جو حصو آهي، پر ان سلسلي ۾ ڪجهه نوان تفصيل سامهون آيا آهن. ٽي وي شو جي ميزبان ندا ياسر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته نيلم جو مڙس محمد راشد عرب شيخ نه آهي. هن جوڙي کي شادي جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيلم کي هڪ باصلاحيت ۽ خوبصورت اداڪارا طور ساراهيو. دبئي ۾ رهندڙ هڪ پوليس اهلڪار محمد راشد سان نيلم منير جي شادي بابت افواهن ڪيئي ماڻهن کي اِهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته اداڪارا هڪ عرب شيخ سان شادي ڪئي آهي پر پوءِ اِها ڳالهه سامهون آئي ته محمد راشد دبئي جي ڪرائم انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهي. ندا وڌيڪ ٻڌايو ته راشد جو تعلق پاڪستان جي صوبي پنجاب سان آهي ۽ هاڻي هو گڏيل عرب امارات ۾ رهي ٿو.