ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا ميرب عليءَ به جلد شادي ڪرڻ جو اشارو ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي مڱيندي عاصم اظهر سان گڏ مهمانن جي فهرست به تيار ڪري ورتي آهي. ويجهڙائي ۾ ميرب علي، علي سفينه جي پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ ٻين موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا. اداڪارا هڪ ڀيرو ٻيهر انڪشاف ڪيو ته سندس گهر ۾ جِن يا غيبات جهڙي مخلوق رهي ٿي، جنهن سبب سندن گهر وڪرو ئي نه پيو ٿئي. هن اهو به ٻڌايو ته ڪجهه وقت اڳ هوءَ ’سليپ پيرالسس‘ جو شڪار ٿي، جنهن سبب هوءَ تمام گهڻو ڊنل هئي. ميرب علي ڀوائتو تجربو بيان ڪندي چيو ته هوءَ اوچتو سخت سليپ پيرالسس ۾ ڦاسي پئي ۽ جڏهن هوءَ سجاڳ ٿي ته سڀ کان پهريان پنهنجي مڱيندي عاصم اظهر کي وڊيو ڪال ڪئي ۽ کيس سڄو احوال ٻڌايو. هن چيو ته پهرين ته کيس لڳو ته هوءَ مري وئي آهي، پر جڏهن عاصم سان ڳالهه ڪئي ته کيس احساس ٿيو ته ڪو عجيب تجربو ٿيو آهي. اداڪارا سليپ پيرالسس کي هڪ ڀوائتو تجربو قرار ڏيندي چيو ته ان دوران هوءَ ڪجهه لمحن لاءِ مڪمل طور تي مفلوج ٿي وئي هئي. جڏهن ميزبان کانئس پڇيو ته ڇا عاصم اظهر کيس ’او هانيا ۽ جانيا‘ گانو ڳائي ٻڌائيندو آهي؟ ته ان تي اداڪارا مرڪندي جواب ڏنو ته ها، هو کيس گيت ڳائي ٻڌائيندو آهي. عاصم اظهر جي ماضي ۾ اداڪارا هانيا عامر سان لاڳاپن بابت ڳالهه ڪندي ميرب علي واضح طور ڪنهن جو نالو ته نه ورتو، پر چيو ته ڪجهه ماڻهن جون ڳالهيون تڪليف ڏيندڙ هونديون آهن. شاديءَ بابت سوال تي هن ٻڌايو ته هن وقت رڳو منگڻو ٿي رهيو آهي، نڪاح اڃا نه ٿيو آهي پر انشاءَ الله جلد شادي ٿيندي.اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ ۽ عاصم اظهر گڏجي پنهنجي شاديءَ جي مهمانن جي فهرست به تيار ڪري چڪا آهن، پر شادي جي حتمي تاريخ اڃا واضح نه ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته عاصم اظهر به ڪجهه هفتا اڳ ان ڳالهه جو اشارو ڏنو هو ته هو هلندڙ سال ئي شادي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ميرب علي ۽ عاصم اظهر مارچ 2022 ۾ منگڻو ڪيو هو، جڏهن ته گذريل ڪجهه مهينن کان سندن شاديءَ بابت افواهه گردش ڪري رهيا آهن.