گلگت (م ڊ ) گلگت جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير خالد خورشيد کي 34 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ خالد خورشيد خلاف سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي وڏي وزير کي 34 سال قيد ۽ 6 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته ڏوهاري کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو وڃي ۽ سندس سڃاڻپ ڪارڊ به بلاڪ ڪيو وڃي. واضح رهي ته خالد خورشيد تي 26 مئي 2024 تي هڪ جلسي ۾ سيڪيورٽي ادارن کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام هو. ان کان کانسواءِ مٿس گلگت بلستسان جي چيف سيڪريٽري ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي پڻ ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام هو. خالد خورشيد خلاف دهشتگردي ٽور ايڪٽ تحت گلگت سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، هو ڪيس جي ڪارروائي دوران مسلسل غير حاضر ۽ روپوش رهيو