راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا سمورا قانوني ۽ آئيني رستا بند ڪيا ويا آهن، ان لاءِ آئون جيل مان پاڻ احتجاجي تحريڪ جي سربراهي ڪندس، پي ٽي آءِ کي ادارن جي نه ادارن کي تحريڪ انصاف جي ضرورت آهي، ڪنهن به صورت ۾ ڊيل نه ڪندس. اڊيالا جيل مان جاري پيغام ۾ پي ٽي آءِ باني چيو ته ملڪ ۾ جهنگ جو قانون لاڳو آهي، آئون جيل مان احتجاجي تحريڪ کي ليڊ ڪندس ٻاهر منهنجي نمائندگي عمر ايوب ڪندو ۽ سلمان اڪرم راجا هدايتن تي عملدرآمد ڪرائيندو. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ جي حڪمت عملي ڪجهه ڏينهن ۾ قوم سامهون پيش ڪئي ويندي، ان احتجاجي تحريڪ لاءِ پنهنجي اتحادي پارٽين سميت تحريڪ تحفظ آئين، جي ڊي اي ۽ ماهه رنگ بلوچ کي به دعوت ڏيندس. انشاءَ الله هن تحريڪ کي ڪير به روڪي نه سگهندو. هن عوام کي پيغام ڏيندي چيو ته شايد اهي ٻيهر منهنجي ملاقاتن تي پابندي لڳائي ڇڏين پر توهان کي پاڻ پاڪستان جي حقيقي آزادي لاءِ اٿي بيهڻو پوندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته احتجاجي تحريڪ ملڪ گير ۽ مسلسل هوندي ڇاڪاڻ جو اسلام آباد ۾ اسنائپرز مقرر هوندا آهن جيڪي معصوم شهرين ۽ پرامن احتجاجين تي سڌي فائرنگ ڪن ٿا جيڪو قتلام تحريڪ انصاف جو ڪيو ويو اهو ڪنهن ٻي پارٽي سان ناهي ٿيو. هن پارٽي عهديدارن کي پيغام ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آئون جيل ڪاٽي سگهان ٿو ته توهان کي به ڪو خوف نه ٿيڻ گهرجي مشڪل وقت آهي ۽ اسان سڀني جو امتحان آهي مون کي به جيل ۾ وجهڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين خاموش رهڻ تي آرام سان بني گالا ويهڻ جو چيو ويو هو جيئن نواز شريف کي 10 سالن تائين خاموش رهڻو پيو پر آئون بزدل ناهيان ۽ يزيديت تي ڪڏهن به خاموش نه رهي سگهندس. عمران جو وڌيڪ چوڻ هو ته نواز ليگ ۽ پ پ جي حيثيت هاڻي سياسي لاشن جهڙي آهي. انهن کي پنهنجي اصل ٺڪاڻي لنڊن واپس وڃڻ گهرجي. هن چيو ته ادارن کي پيغام آهي ته توهان کي تحريڪ انصاف جي ضرورت آهي مون کي توهان جي ڪا ضرروت ناهي، اصل طاقت ان وٽ هوندي آهي جنهن سان عوام گڏ هجي.