راولپنڊي (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني بک هڙتال ڪئي ته اها ان جي اڪيلي هڙتال نه هوندي، پوري قوم طرفان هڙتال هوندي. راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جو ڪنهن به اداري سان ڪوبه مسئلو نه آهي، صرف شخصيتن سان اختلاف آهي، ملڪ ۾ هن وقت سزا ۽ جزا جو نظام نه آهي، پوري قوم کي خبر آهي ته عدليه تي دٻاءُ آهي، چيف جسٽس اسان جي خلاف ڪيسز  ۾ بينچز کان ڌار ٿئي.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ڪيسز  ۾ ڪجهه به ناهي نڪتو، عمران خان چوندو رهيو آهي ته مان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيان، جعلي ڪيسز واپس ورتا وڃن پوءِ ڳالهيون ٿينديون. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو عمران خان جو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاق جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي اهو آئين ۽ عدليه جي خلاف آهي، حڪومت سهاري تي بيٺل آهي انهي وٽ ڪوبه مينڊيٽ نه آهي، عدليه ۾ فيئر ٽرائل ٿيو ته سڀني جي سامهون ايندو، ايپڪس ڪاميٽي ۾ عزم استحڪام جون ڳالهيون ٿيون، ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ضروري آهي. پرويز خٽڪ بابت سوال تي هن چيو ته هڪ ماڻهو ڪوڙي گواهي ڏيندو ۽ گهمندو، هن پارٽي ڇڏي، احسان فراموشي ڪئي ۽ لوٽو بڻجو، هاڻ جيڪڏهن اهو ڪوڙيون گواهيون ڏيندو ته ڪوبه فرق نه پوندو. علي امين چيو ته مريم نواز جو اسان بطور هڪ عورت  احترام ڪيو آهي، عورت وزيراعليٰ جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻو پيو ته اهو به داخل ڪيو ويندو.